English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس
views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (DDMA) جو پهريون اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ برساتي موسم (مون سون) ۽ ممڪن هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ اڳواٽ انتظامن جو بہ پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، وائيس چيئرمين ميان خالد ولهاري، پاڪستان آرمي جي ليفٽيننٽ شاهير، ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ون جاويد احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار، ايڪسئن حيسڪو امتياز ميمڻ، ايڪسئن ٿر ڪينال اسدالله ميمڻ، ايڪسئن ڊرينيج ڊويزن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي، ڊي ايس پي اقبال منگريو، سي ايم او ڊسٽرڪٽ ڪائونسل امتياز هاليپوٽو، سي ايم او ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ سيد ساجد شاھ، ڊي اي او تعليم عنايت الله ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اين ايڇ اي ميرپورخاص خالد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش ڪمار، ڊي ڊي ايم اي جي ميمبرن شاھنواز جوڻيجو، غلام اڪبر درس، آبپاشي، تعليم، زراعت، لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، هر کاتو پنهنجي تياري مڪمل ڪري تہ جيئن عام ماڻهن کي ڪنهن بہ تڪليف کان بچائي سگهجي، هن هدايت ڪئي تہ نشيبي علائقن جي سڃاڻپ ڪري فوري طور پاڻي نيڪالي جا قدم کنيا وڃن ۽ خاص طور تي هنگامي حالتن ۾ فوري ريسپانس لاءِ ڪنٽرول روم فعال رکيا وڃن، ان موقعي تي ھن ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي کي ھدايت ڪندي چيو تہ اسپتالن ۾ دوائون، ايمبولينس ۽ اسٽاف جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ جيڪڏهن برساتن دوران 2022 واري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ڊي ڊي ايم اي جا سمورا وسيلا بروقت استعمال ڪيا وڃن، ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي ۽ وائيس چيئرمين خالد ولهاري تجويز ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن ضلع عمرڪوٽ ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي تہ ٿر ڪينال جو پاڻي ڪلانڪر ڍنڍ ۾ منتقل ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڍنڍ جي صفائي ضروري آهي، ان تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ ايڪسين ڊرينيج ڊويزن کي ھدايت ڪندي چيو تہ فوري طور تي صفائي ڪرائي وڃي، هن ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو تہ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ رستن جي صفائي ڪرائي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر ايڪسين حيسڪو امتياز ميمڻ کي هدايت ڪئي تہ ڊي واٽرنگ پمپنگ اسٽيشن وارين جڳهن تي واپڊا جا ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي، ھن ايڪسين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ جيڪي آر او پلانٽ غيرفعال آهن تن کي فوري طور تي فعال ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان موقعي تي سڀني کاتن جي آفيسرن پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏنيون ۽ مون سون جي حوالي سان پنهنجا ڪنٽيجينسي پلان پڻ جمع ڪرايا، ان موقعي تي اجلاس ۾ سڀني لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ
نويد الرحمان لاڙڪ
ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي
0 تبصرے