پ پ حڪومت مخالفن کان ڊنل آهي، انتصامي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن: مرتضيٰ جتوئي/زين شاهه/ صفدر عباسي

نوشهروفيروز جي اي ٽي سي ۾ مورو واقعي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي، جتوئي ڀائر پيش، زين شاهه ۽ صفدر عباسي به پهتا

پ پ حڪومت مخالفن کان ڊنل آهي، انتصامي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن: مرتضيٰ جتوئي/زين شاهه/ صفدر عباسي

نوشھرو فيروز(ڊ ر) جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻو وفاي وزير غلام مرتضي جتوئي ۽ سندس ڀاء اين پي پي جي صوبائي صدر مسرور خان جتوئي جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ضياء لنجار بنگلي ساڙڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي صبح 7ٿيندي ئي سانگھڙ نواب شاه نوشھرو فيروز جي پوليس جا اٽالا ڪورٽ کان ٻاھران ۽ شھر جي داخلي خارجي رستن تي وڏي تعداد ۾ پوليس بيھاري وئي پڊعيدن روڊ اسپتال روڊ کي مڪمل سيل ڪيو ويو ڪرفيو وارو ماحول پيدا ڪيو پوليس عورتن مردن کي به اسپتال نه پئي ڇڏيو ويو جڏھن ته فڪس 8بجا جي ڊي اڳواڻ مرتضي جتوئي مسرور خان جتوئي جي ڊي جي مرڪزي اڳواڻ صفدر عباسي ۔سيدزين جي به ساڻن گڏ اي ٽي سي ڪورٽ پھتا پوليس سيد زين شاه ۽ صدر عباسي کي ڪورٽ اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني اھي گيٽ تي بيٺا رھيا ٻڌڻي کان پوء مرتضي جتوئي ۔زين شاه صفدر عڀاسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ھن حڪومت کان ته مارشلا دور بھتر ھيو اڄ ھن يزيدي دور ۾ جيڪو ح سچ جي ڳالھ ڪري ٿو ان تي ڪوڙا ڪيس ڪري دٻايو وڃي ٿو نوشھرو فيروز پوليس ڪمدار بنيل آھي جڏھن به جتوئي ڀائرن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي ته چئين ضلعن جي پوليس گھرائي جتوئي ڀائرن کي ھراسان ڪيو ٿو وڃي زين شاه چيو ته ته بنگلي ساڙڻ جو ڊرامون رچائي جتوئي ڀائرن کي ۽ ايس يوپي ڪارنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انھن سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي ھي ڪھڙو قانون آ جو مائٽن کي به انھن سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي گھڻو ٿيو ھاڻي ڪابه به نا انصافي برداشت نه ڪبي ڪبي اسان جي ڊي اي جي ميٽنگ ۾ جتوئي ڀائرن سان ٿيندڙ خلاف ڪرار داد پڻ پيش ڪئي آ ان موقعي تي صفدر عباسي چيو اڄ اسان پيپلز پارٽي جي ڪاري دور مان پيا گذو جنھن ۾ ھنن پنھنجي سياست چمڪائڻ لاء مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسئي ھي سنڌ واسين کي ڪھڙو ميسيج ڏيڻ چاھين ٿا اسان جلد ۽ پير سائين جي اڳواڻي ۾ ڪو لاھي عمل ٺاھينداسين ۽ جتوئي ڀائرن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيسن جي پوئواري ڪنداسين ۔