امام حسين عليه السلام جي قيام جو مقصد ابو الائمه حضرت علي ۽ سيدة النساء العالمين سيده فاطمه الزھره جي پٽ، ۽ اسلام جي معمار حضرت محمد مصطفيٰ ۽ بيبي خديجه الڪبريٰ جي نواسي، شهيد ۽ مظلوم امام حسن عليه السلام جي مضبوط بازو، ۽ امت جي نوجوانن جي جنت جي سردار، کي مختصر طور تي بيان ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ آهي. عزادار جي پهچان عشقِ مقصد پيغام ڪربلا، عشقِ آشناٸي فلسفه شھادت ڪربلا، حسين جي قيام جو مقصد، وڌيڪ پاڪ ۽ بي خوف محبت جي سڃاڻپ، پختي ايمان ۽ پختي عزم جي نشاني، محبت کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي پرواه نه ڪرڻ جو روشن ۽ پختو خيال، هر قسم جي شين کان پاڪ محبت، اها محبت جيڪا هميشه امتحان لاءِ تيار رهي، ڪامياب ۽ فاتحانه محبت، اها محبت جيڪا پاڻ کي جوابده بڻائي ٿي، ۽ رب ڪائنات ۽ ٻانهي جي محبت جيڪا بندي جي آخري سجدي مان ظاهر ٿئي ٿي، علم ۽ عمل، شڪرگذاري جو راز، ۽ ايثار ۽ قرباني بي مثال آهن، ڪربلا جي محبت جي پيغام جو مالڪ، شهيدن جو سردار عاشقن جو امام حضرت امام حسين عليه السلام آهي، ۽ جيڪو پيغمبر جي نياڻي جو پاره جگر آهي، ۽ پيءُ (ب)جو نقطو آهي، ۽ پُٽ سندن آیة ذبح عظيم جي حقيقت ۽ تفسير آهي.
امام حسين ع لاءِ، پيغمبر محمد ﷺ جي حديث آهي، حسين مون مان آهي ۽ مان حسين منجهان آهيان، ۽ بهترين قوم جي هن عظيم شهزادي لاءِ، رسول اللَّه ﷺ جي پشت مبارڪ بهترين سواري آهي. هن قوم ۾ انهن جو مقام ۽ حيثيت ائين آهي جيئن قرآن ۾ قل ھو الله جو آهي. عزاداران سيدالشهداع کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته موسيٰ، فرعون، شبير ۽ يزيد، ۽ سچ ۽ ڪوڙ ٻه اهڙيون قوتون آهن جيڪي شروع کان وٺي مسلسل هلي رهيون آهن. جيڪو سچ اڄ زنده آهي اهو حسين جي طاقت سان زنده آهي.
هن قوم جي ڀلائي جي ڪري يزيد جي اڳواڻي کي رد ڪري ڇڏيو. ۽ فرمايو مون جهڙو ڪڏهن يزيد جهڙي جي بيَّت نه ڪندو ائين ناهي چيو ته صرف يزيد جي بلڪه يزيد جهڙي جي يعني اهو درس پڻ آهي ته اگر ڪو حاڪم يزيد جو ڪردار بڻجي اچي ته حسين ۽ ان جي مڃڻ وارا ڪڏهن به ان جي بيَّت نه ڪندا ۽ اهو چوڻ لازم آهي ته هن پنهنجي رت سان ڪربلا جي زمين کي چراغ ۽ درسگاھ ۾ تبديل ڪيو، هن ان کي روشني ڏني، هن ظلم ۽ جبر جون پاڙون ڪٽي ڇڏيون، ۽ سندس رت سان هڪ صحرا کي سيراب ڪيو ۽ سچائي جي بقا لاءِ پنهنجو سر قلم ڪرايو ۽ پاڪ ڪلام جي مضبوط بنياد بڻجي ويو.
امام حسين عليه السلام جو مقصد نه ته تخت حاصل ڪرڻ هو ۽ نه ئي دولت ۽ طاقت تي قبضو ڪرڻ هو. اهو سڀ ڪجهه سندس پيرن جي مٽي هئي. ۽ نه ئي جنگ جو ارادو ھيو ڇو ته امام حسين پاڻ سا گڏ عورتون ۽ ٻار وٺي آيا هيا ۽ اهو واضع دليل آهي ته امام حسين عليه السلام صرف امن ۽ سندس مقصد مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ ۽ اسلامي قدرن کي اجاگر ڪرڻ هو. امام حسين عليه السلام جي قيام جو مقصد توحيد جي ڪلمي جي حفاظت، محمدي قانون جي بقا، قرآن جي بالادستي، انساني اختيار جي برابري ۽ اخوت جي قيام ۽ غلامي کان آزادي هئي. جنهن جي وضاحت صبط رسول مديني کان ڪربلا تائين قدم قدم تي ڪئي. شهيد جي قيام جو مقصد اسلام جي حقيقي تصوير کي سامهون آڻڻ ۽ اهڙو انقلاب پيدا ڪرڻ هو جو اصل حقيقت ۽ يزيديت جي اصلي شڪل ۽ ان جا ٻئي پاسا يعني پس پرده کي سامهون آڻڻ ۽ پيغمبر جو مذهب قيامت تائين زنده ۽ امر کڻو هيو. ۽ امام حسين پاڻ فرمائيندا رهيا ته منهنجو مقصد امربالمعروف ۽ نهي عن المنکر آهي.
سندس سيدالشھداء جو مقصد دين جي فرضن تي عمل ڪرڻ ۽ سڀني مسلمانن کي انهن تي عمل ڪرائڻ هيو. ان لاءِ، يزدي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي بدران، هن يزيديت کي ئي ختم ڪرڻ جو مقصد اختيار ڪيو، چيو ته يزيديت جي خاتمي لاءِ قرباني، صبر ۽ شڪر جي ضرورت آهي. تنهن ڪري، حضرت امام حسين عليه السلام اسلامي ۽ اخلاقي رستو اختيار ڪيو ۽ اسلام کي هميشه لاءِ چمڪائڻ لاءِ پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي قربان ڪرايو.
مون 2023 ۾ ڊاڪٽر شجائت حسين جو هڪ آرٽيڪل پڙهيو جنهن جي الفاظن کين دل کي موهي ڇڏيو ۽ ڪجھ الفاظ ڪجھ هن ريت هئا ته خدا جي پاڪ ٻانهن ۽ پاڪ مخلوق جو قيام ۽ انهن جو مقصد خدا جي ٻانهن کي ظلم جي چنگل کان بچائڻ، ظالمن کان مستحقن کي انصاف ڏيارڻ، ماڻهن کي شريعت سيکارڻ ۽ ان کي نافذ ڪرڻ آهي. اهي پاڪ مخلوق پاڻ کي خدا جي ٻانهن جي نجات لاءِ قائم ڪن يا شريعت کي قائم ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ، ٻنهي صورتن ۾ انهن جو مقصد صرف خدا جي رضا آهي جنهن لاءِ اهي پنهنجي جان قربان ڪن ٿا، جيتوڻيڪ پنهنجن پيارن کي قربان ڪرڻ جي حد تائين.
اهي هن رستي لاءِ پنهنجا دل ۽ جان قربان ڪري ڇڏيندا آهن، صرف خدا جي خالص رضا ۾ راضي رهندا آهن.
سيدالشھداء جي ھل من ناصر ينصرنا يعني ”ڪو آهي جيڪو منهنجي مدد ڪري،" دنيا ۾ گونججي رهيو آهي. هن آواز جو مقصد اسلامي ۽ انسانيت ۽ انساني قدرن کي بحال ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ آهي. حضرت امام حسين عليه السلام جي زبان تي هي الفاظ جاري ھئا: جيڪڏهن منهنجي ناني جو دين ان وقت تائين محفوظ نٿو رهي سگهي جيستائين منهنجي حيات ختم نه ٿئي، ته اي تلوارو اچو هي جسم حاضر آهي
حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جا سڀئي دوست ۽ اصحاب پنهنجي ذهن ۾ سوره العصر جي معنيٰ ۽ انهن جي تعليمات تي متفق آهن.
وَالعَصرِ إِنَّ الْإِنسَانَ لَفي خُسْرٍ، إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُو الصَّالِحَاتِ وتَوَاصَوْ بِالحَق وَتَوَاصَوا بِالصَّبرِ.
(103 سورة العصر)
قسم زماني جي، انسان ضرور خساري ۾ آهي، سواءِ انهن جي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي حق ۽ صبر ۽ قرباني جي تلقين ڪن ٿا.
آءًُ سمجهان ٿي ته تعليمات ڪربلا تعليمات قرآن آهي ڇو ته قرآن باطل جي اڳيان جهڪڻ کان منع ڪيو آهي ۽ ڪربلا جو مقصد به پڻ اهو ئي آهي. سيدالشھداء جي سر سجده معبود ۾ قلم ٿيو ۽ جڏهن نيزي تي بلند ٿيو ته کين قرآن جي تلاوت ڪندي نظر آيو ۽ايمان ۽ ايمان وارن لاء اها نشاني ئي ڪافي آهي
۽ مان سمجهان ٿي ته عشق حسين ۾ صرف شعر و شائري ۽ زباني دعوا ڪڏهن به ڪافي ناهي ۽ نه ئي ڪربلا کي صرف الفاظن سان خراج عقيدت پيش ڪرڻ ڪافي آهي بلڪه پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان حسين ابن علي جي قيام کي زنده رکڻ ضروري آهي
0 تبصرے