English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ويجهو ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج، لوڙهي کي باهه ڏيڻ جو الزام
views
|
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
بااثرن عورتن سميت گهرن ۾ گهڙي گارگند بعد لوڙهي کي باهه ڏني: مظاهرين
ٽالهي (رپورٽر) ٽالهي لڳ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج گھر جي چوڌاري ڏنل لوڙهي کي مبينا باهه ڏيڻ جو الزام اسان مٿان الزام بي بنياد آهن، الزام هيٺ آيل ڌر خبر موجب ٽالهي لڳ ڳوٺ سنجر خان گرگيز واسين پاران ڳوٺ جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن امير حسن گرگيز، امير سلطان گرگيز، غلام حيدر گرگيز، سندس ئي برادري جي دريا خان گرگيز ،محبت خان گرگيز ، ۽ اياز گل گرگيز مٿان الزام هڻندي دائهيندي چيو ته ڏھ محرم جي ڏينهن مٿي ڄاڻايل برادري جا ماڻهو اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن سان گارگند ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون ۽ رات دير سان اسان جي گهر کي ڏنل چوڌاري ڏنل لوڙهي کي باھ ڏني وئي جڏهن اسان سڄاڳ ٿيا سين ته همراه ڀڄي ويا پوءِ اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي هاري باھ تي ڪنٽرول آندو ويو ۽ پوليس کي اطلاع پڻ ڪيو ۽ ٿاڻي تي وياسين پر پوليس عملو نه هجڻ ڪري صبح جو دوبارہ وڃي اپليڪشن پڻ ڏني آهي پر ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي زبردستي هتان کان لاڏايو پيو وڃي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر جي اياز گل گرگيز جو چوڻ هو ته اسان مٿان لڳل الزام بي بنياد آهن هنن مٿان چوري ثابت ٿي هئي جنهن جي ڪري اهڙو اسان مٿان الزام هنيو پيو وڃي انڪوائري ڪئي وڃي اسان ملوث ناهيون هوڏانهن پوليس سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته اسان کي اهڙي اپليڪشن ملي آهي معاملي جي جاچ ڪيون پيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽالهي
لوڙهي کي باهه ڏيڻ جو الزام
0 تبصرے