سڄي دنيا م رھندڙ سنڌي ڪئنالن ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجو سان سانا جي سيڪريٽري جنرل جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات

سڄي دنيا م  رھندڙ سنڌي ڪئنالن ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد تي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي سيڪريٽري جنرل اسد شيخ، ڪئناڊا سانا جي اڳواڻ زاھد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ملاقات ڪئي ۽ اياز لطيف پليجو کي آمريڪا جي شھر ھوسٽن ۾ ٿيندڙ سانا ڪنوينش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.ملاقات دوران عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ سميت سڄي دنيا م رھندڙ سنڌي ماڻهو ڪئنالن ۽ ڪارپوٽريٽ فارمنگ خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪن. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا، درياھ ۽ لکين ايڪڙ زمين جو سودو ڪري چوٿون ڀيرو اقتدار ورتو آھي.ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف ھي عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجهد ناهي ڪرڻي مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھر سياسي، سماجي ۽ پروفيشنل تنظيم کي ھڪ ھڪ ضلعي، ھڪ ھڪ شھر ۽ ھڪ ھڪ ڳوٺ کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ لاھڻو پوندو. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي، گرين پاڪستان منصوبو سنڌ جي زمينن تي قبضن جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري اوچتو ناهي ڏني وئي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي تاريخ پراڻي آهي. چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺھڻ وقت چيو ويو تہ آھي صرف ٻوڏ دوران سنڌ جي منظوري کان پوء کوليا ويندا پر ھاڻ سڄو سال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي ڪئنال وھايا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ گريٽر ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھي. سمورا ڌاڙيل منصوبا پيپلز پارٽي جوڙيا آھن. اقتدار خاطر ھاڻ وري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ دشمن سازش جوڙي وئي آھي، جنھن کي ڪنھن بہ ريت ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ سنڌ۽ سنڌي ماڻهو مڪمل تباھ ٿي ويندا. ڪراچي کان ڪشمور تائين پيئڻ جي پاڻي جو پاڻي بہ نہ ملندو ۽ سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي غلط پاليسن جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيل، گئس، ڪوئلو سميت ٻي معدنيات آهي زراعت، سمنڊ، جبل، درياء ۽ بندرگاھ آهن اھڙن ڌرتي وسيلن وارا رياستون ۽ ملڪ ترقي يافته ۽ خوشحال آهن پر سنڌ جو عوام بدحال ۽ 18 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندا آهن ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو ويو آهي پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا.سانا جي سيڪريٽري جنرل اسد شيخ چيو تہ سنڌ صدين کان رواداري، سھپ، امن واري ڌرتي آھي۔ جيڪو سنڌ جي ھزارين سالن جي ڀائچاري، امن، رواداري کي نقصان ڏيندو اھو نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان جو بہ دشمن آھي. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. اسد شيخ چيو تہ اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سانا ڪئناڊا جي اڳواڻ سنڌ ۾ بادشاهي نظام لاء زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن ھر ضلعي ھر تعلقي اندر رياستون ٺاھيون پيون وڃن جنھن ۾ سنڌين جو استحصال ھوندو ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ نواز عباسي، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، شوڪت سريوال، ايڊووڪيٽ ساحر اياز، ايڊووڪيٽ سرباز اياز، جوش اياز ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.