English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم جي مرڪزي سڏ تي رزاق آباد ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگين خلاف ريلي
views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ قومي محاذ ملير طرفان مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگين خلاف رزاق آباد ۾ قومي شاھراھ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ريلي. مظاھرو ۽ ڌرڻو ڪارڪنن طرفان گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي، سنڌ ۾ جسقم خلاف انتقامي ڪاروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ٻيڏوهي کنڀي گم ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ اڻڃاتل مدي تائين احتجاج ڪنداسين جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو ۽ ٻين جون صحافين ڳالھيون تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز جي سڏ تي جسقم ملير طرفان ڪارڪنن جي جبري گمشدگين ۽ گرفتارين خلاف جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو، مرتضي جوڻيجو، صابر حمايتي مشتاق زهراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا رزاق آباد ۾ قومي شاھراھ کان شروع ٿي عوامي پريس ڪلب ملير تي مظاھري ۽ ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي احتجاج ۾ جسقم جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪري مطالبو ڪيو ويو ته بيڏوهي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ان موقعي تي جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جسقم خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هن چتا ڏنو ته جيڪڏهن جبري طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته جسقم سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائيندي ۽ اڻڄاتل مدي تائين احتجاج ڪيو ويندو ۽ پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي ان موقعي تي مرتضي جوڻيجو، صابر حمايتي، مشتاق زهراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جسقم جي مرڪزي سڏ
رزاق آباد
ملير
0 تبصرے