ڪراچي ۾ استادن ۽ ماسترياڻين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري، ريڊ زون ۾ گهڙڻ جي ڪوشش

ريگيولر ڪري تعليم کاتي جي ٻين استادن جھڙيون سھولتون ڏئي انصاف ڪيو وڃي: استاد اڳواڻ

ڪراچي ۾ استادن ۽ ماسترياڻين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري، ريڊ زون ۾ گهڙڻ جي ڪوشش

ڪراچي پريس ڪلب آڏو بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز ۽ نيشنل ڪميشن فار ھيومن ڊيولپمنيٽ تحت قائم ڪيل اسڪولن جي استادن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، سکر شڪارپور ـسانگھڙ ـ شھيد ڀينظير آباد عمرڪوٽ ٿرپارڪر ـ بدين ـ ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن جا عورتون توڙي مرد استاد نٽھڻ اس ۾ احتجاج ڪندي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن چوڻ آهي ته ريگيولر ڪري تعليم کاتي جي ٻين استادن جھڙيون سھولتون ڏئي انصاف ڪيو وڃي.