English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو؛ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب پاران آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو
views
|
14th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو پاران آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو ھارون احمد خان چيو آهي ته صوبائي محتسب جو ادارو عوام جون شڪايتون جلد حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، جيڪو بنا ڪنهن وڪيل، بنا دير ۽ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مڪلي ۾ صوبائي محتسب اداري جي اهميت، فائدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان هڪ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ريجنل ڊائريڪٽر محتسب جو چوڻ هو ته شهري ڪنهن به صوبائي کاتي خلاف پنهنجي جائز شڪايت صرف هڪ سادي ڪاغذ تي موڪلي سگهن ٿا، سندن مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هن شاگردن کي صوبائي محتسب جي مقصدن، اثرن ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيلي آگاهي پڻ ڏني. هن چيو ته صوبائي محتسب جي ويزن ۽ هدايتن موجب عوام کي انصاف فراهم ڪيو پيو وڃي، مُلڪ ۾ انصاف فراهم ڪندڙ ادارا موجود آهن پر انھن تائين رسائي لاءِ بنيادي معلومات نه هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ان کان محروم آهن. هن چيو ته ڪنهن به صوبائي کاتي ۾ جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان جي آفيسن ۾ درخواستون داخل ڪيون وڃن ته جيئن انهن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ انصاف تي ٻڌل هڪ بهتر سماج جوڙي سگهجي. هن چيو ته اسان جا دروازا هر انصاف گهرندڙ لاءِ کليل آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب
0 تبصرے