English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن، بدامني، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف نائين ڏينهن ۾ سنڌ ۾ مظاهرا
views
|
13th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي مالڪي تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين، هر ظالم کي شڪست ڏينداسين: اڳواڻ
حيدرآباد /نئون ڪوٽ /سرھاڙي /ڏھرڪي: پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اڄ نائين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ نئون ڪوٽ ۾ زاهد گل اوٺو، پرشوتم پرمار، محبت خاصخيلي فدا خاصخيلي،فاروق سبحان، زيڊ گل، صديق اوٺو، قادر حماد الله نهڙي، سراج اوٺو، عباس نهڙي، صدر نھڙي، سلطان نھڙي، اعجاز نھڙي، سرويچ اوٺو، گھنشام، شھمير قاسماڻي، طفيل اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئوڪوٽ قلعو انٽري گيٽ کان پراڻي قلعي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. سرهاڙي ۾ محبوب کوسو، مظهر کوسو، سڄڻ کوسو، ڪامل جمالي، حب علي ٽالپور، رضوان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڏهرڪي ۾ محبت علي سميجو، تراب علي شر، گلشير سميجو، ڪمال خان شر، اختر سميجو، آفتاب سميجو، ارشد سنڌي، راشد علي ڪانون، شاهزيب سنڌي، سلمان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ زاھد گل اوٺو خطاب ڪندي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. سنڌي ماڻهن کي سمجھڻو پوندو تہ موجودھ سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي. سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بنجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ويٺو آهي. محبوب کوسو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ کي بک، بدحالي، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران نٿا چاهين تہ سنڌ ۾ ميرٽ ھجي، تعليم ۽ سائنس ھجي، روزگار ۽خوشحال ھجي. پيپلزپارٽي جي حڪمرانن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪينجھر، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ خاطر وڪڻي ڇڏيا آھن. تراب شر خطاب ڪندي چيو سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني کي ختم نٿي ڪري. مھانگائي ذريعي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن. محبت سميجو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي. سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي، انھن جي اجتماعي آواز کي دٻائڻ ۽ اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو ويو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے