حيدرآباد ۾ سافڪو وومين برانچ پاران جشن آزادي جي تقريب، ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنا ويا

ڪشمير ۽ فلسطين کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي: سليمان جي ابڙو

حيدرآباد ۾ سافڪو وومين برانچ پاران جشن آزادي جي تقريب، ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنا ويا

حيدرآباد(بيورو)حيدرآباد ۾ سافڪو وومين برانچ پاران جشن آزادي تقريب منعقد ڪري پاڪستان جو جھنڊوڦڙڪايو ويو، جڏهن ته بهتر ڪارڪردگي جا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. سافڪو مائيڪرو فنانس وومين برانچ قاسم آباد ۾ پاڪستان جي 78هين جشن آزادي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهنجي شروعات سافڪو جي باني ۽ صدر سليمان جي ابڙو طرفان پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائڻ سان ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي سليمان جي ابڙو چيو ته اڄ يارهن آگسٽ آهي 1947 ۾ اڄوڪي ڏينهن تي قائد اعظم محمد علي جناح تاريخي خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان ۾ جنهن به رنگ، رنگ، نسل ۽ مذهب سان تعلق وارا رهن ٿا هي ملڪ انهن جو آهي ۽ سمورن شهرين کي برابريءَ جا حق آهن. سليمان جي ابڙو چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين سميت جيڪي قومون آزاد ناهن، انهن جي تڪليفن کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاديءَ کان پوءِ ٻي منزل هر شهريءَ جي خوشحالي آهي، جنهن لاءِ حڪومتن سان گڏ اسان سڀن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ ماڻهن کي مستقل روزگار ڏيڻ ۽ سندن معاشي مسئلا حل ڪرڻ سڀ کان اهم آهي. ان حوالي سان سافڪو پڻ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بزنس آپريشن هيڊ بشير احمد ابڙو چيو ته جهڙي طرح پاڪستان آزاديءَ واري ماحول ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، سافڪو به ڪم جي آزاداڻي ماحول ۽ هڪٻئي جي احترام سان ڪاميابيون ماڻي ٻين ادارن لاءِ مثال بنجي رهيو آهي. تقريب کي ذوالفقار علي متقي، سنيل ڪمار، حبيب الله خلجي، غلام مصطفيٰ عمراڻي، امير بخش وگھيو، بينظير ڀٽي، ڪائنات بشارت، حديقه شيخ، ڪرن چانڊيو ۽ امبر لاکو پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برانچ مئنيجرن ۽ بزنس ڊولپمينٽ آفيسرن کي ايوارڊ ڏنا ويا. آخر ۾ جشن آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.