ٺٽو ( ڊر)ميرپور ساڪرو تعلقي جي شهر ٻاٻڙا ۾ هڪ اهم روحاني تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ جمعون جوڳي پنهنجي خاندان جي 50 فردن سميت اسلام جي آغوش ۾ اچي ويو۔هي سعادت ڀريو لمحو مولوي عزيز الرحمان ٻاٻڙو ۽ مولوي عبدالقادر ٻاٻڙو جي ڪوششن سان ممڪن بڻيو، جن جي دعوت ۽ رهنمائي ۾ جمعون جوڳي ۽ سندس سموري خاندان اسلام قبول ڪيو۔تقريب ۾ نون مسلمان ڀائرن کي سنڌ جي نامياري عالم دين، جانشين شمس الفقھاء، جان اهلِ سنت، مفتي اعظم سنڌ صاحبزادہ مفتي محمد جان مجددي نعيمي جي هٿ تي ڪلمو پڙهائي اسلام قبول ڪرايو ويو۔ان موقعي تي جماعت خليلي طرفان هڪ روحاني محفل جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ نون مسلمان ڀائرن کي ڀليڪار ۽ مبارڪباد پيش ڪئي۔شرڪت ڪندڙن چيو ته اڄ اسان جي علائقي لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آهي، جيڪا الله تعاليٰ جي فضل ۽ رحمت سان نصيب ٿي آهي۔ هنن دعا ڪئي ته الله پاڪ نون مسلمان ڀائرن جي ايمان کي مضبوط فرمائي، دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي عطا ڪري۔تقريب ۾ خاص طور تي حضرت مفتي محمد جان نعيمي جي روحاني سرپرستي ۽ بزرگن جي محنت جو ذڪر ڪيو ويو، جن جي ڪوششن سان هي تبديلي ممڪن ٿي۔ شرڪت ڪندڙن الله تعاليٰ کان انهن سڀني جي ڪوششن لاءِ اجرِ عظيم جي دعا ڪئي۔
0 تبصرے