English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
views
|
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سيد يوسف شاھہ
تازو پاڪستان ۾ موجود صوبن کی ٽوڙي نوان ٻارنھن صوبا ٺاهڻ جو گهاٽ گهڙيو ويو آهي ۽ ميڊيا ذريعي ملندڙ ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت ملڪ جي موجودھہ صوبن کي ٽوڙي وڌيڪ 12 صوبن ۾ ورھائڻ جي رٿا تيار ڪري ورتي آهي. انھن تجويز ڪيل 12 صوبن ۾ پنجاب جا 4 صوبا: سینٽرل پنجاب، اتر پنجاب، ڏکڻ پنجاب ۽ اولھہ پنجاب. بلوچستان مان 4 صوبا: ساحلي بلوچستان، سينٽرل بلوچستان، اتر بلوچستان ۽ اوڀر بلوچستان. خیبر پختون خواهہ جا ٻہ صوبا: اتر خیبر ۽ ڏکڻ خیبر ۽ سنڌ کي ٽوڙي ٻہ صوبا: شهري سنڌ۽ ديھي سنڌ ٺاهڻ جو سٽاءُ سٽيو ويو آھي. ان حوالي سان جڏھن سڌسما واري وفاقي وزير عطا تارڙ کان پڇيو ويو تہ ھو ڪوبہ جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو پر جيڪڏھن اھا خبر غلظ ھجي تہ ھو فورن ترديد ڪري ڇڏي ھا. ان ڏس ۾ دليل ڏنو پيو وڃي تہ اھڙو قدم نسلي ۽ لساني بنیادن تي صوبائی سیاست کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وفاق کي وڌ یڪ مضبوط بنائڻ لاءِکنیو پیو و ڃي پر جڏ ھن صوبن کي حق ڏيڻ وارو مطالبو زور وٺندو پيو وڃي، تڏھن صوبن جي حيثيت ميساري گھٹن صوبن ٺاھڻ جي پروپیگنڊا ڪندی چيوپيووڃي تہ صوبن کي ختم ڪبوتہ صوبائیت ختم ٿي و يندي پرحقیقت ۾ اهي صوبانہ آهن، صوباتہ انگریزن غلاميءَ کي برقرارركڻ لاءِ ٺاهيا هئا ۽ ساڳيءَ سازش تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي پھرئين ئي ڏينھن سمورن وعدن ۽ معاھدن کي لتاڙيندي اسان کي مستقل غلام رکڻ لاءِ رياستن بدران ”صوبن“ جو نالو ڏنو ويو. پر اھا تاريخي حقيقت آھي تہ اھي قومون۽ رياستون آهن ۽ اسان پنھنجي هزارن سالن جي تاريخ ، پنهنجي ڌرتي، پنهنجا وسيلا، پنهنجي تھذیب ۽ پنھنجوڪلچرکڻي پاڪستان ۾ شامل ٿيا آھيون، جيڪو ملڪ هنن قومن گڏجي ٺاهيو اهو ملڪ پنهنجين خالق قومن کي ڍاھي سگهي، ڇا اھو ممڪن آهي. ھونئن تہ پاڪستان جي وجود ۾ ايندي ئي سنڌ جي زمينن، پاڻيءَ ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ جو نہ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويوھو ۽ سنڌ جو سمورو روينيو مرڪز ڦٻائي ويٺو پر خاص طور 8 فيبروري 2024 جي فارم 47 جي نتيجي ۾ ايندڙ اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ ۽ پ پ جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت دوران حڪمرانن سنڌ جو ساھہ ٻوساٽڻ لاءِ ڪوبہ حيلو وسيلو ھٿان نہ وڃايو ۽ لاڳيتو سنڌ ڌرتيءَ جي وجود تي وار ڪندا رھيا. ڪڏھن ملڪ جي صدر پاران سنڌو درياھہ تي 6 غيرقانوني غيرآئيني ۽ تڪراري ڪئنال ٺاھي سنڌ سڪائڻ جي منظوري ڏني ويئي، ڪڏھن سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام ڪيون ويون، ڪڏھن سنڌ حڪومت پاران سنڌي قوم جي امانت جي خزانن مان ڌارين ڪمپنين کي اربين رپيا گرانٽ طور ڏنا ويا، ڪڏھن مائنر ۽ منرل بل آڻي سنڌ جي املھہ معدني وسيلن تي راتاھو ھڻڻ جا سانڀاھا ٿيا تہ ڪڏھن ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا. ڪڏھن موجودھہ نظام جي ناڪاميءَ ۽ صدارتي نظام آڻڻ جو ن ڳالھيون ڪيون ويون تہ ڪڏھن وري سينٽ کي ڪرپٽ ادارو قرار ڏيندي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون ٿيون تہ ھاڻي وري موجودھہ صوبن جي وجود کي ميساري 12 نوان صوبا ٺاھڻ جون ڳالھيون ھلي رھيون آھن پر اھي سمورا ناٽڪ ھڪ ئي سازش جي ڪڙي آھن. ۽ ان سموري ڦرلٽ تان سنڌي قوم جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ سنڌ جي مستقل رھواسين سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن وچ ۾ جهيڙا ڪرائي گهرو ويڙھہ جي رٿا رٿي ويئي آھي. تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي قوم جي شاندار تحريڪ دوران 21 ۽ 22 مارچ تي مون ”ڪئنالن خلاف قومي تحريڪ ۽ سازشن جا خدشا“ جي عنوان ھيٺ مضمون ۾ لکيو ھو تہ:” اھڙا افواھہ بہ پکيڙيا پيا وڃن تہ ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي وڌيڪ صوبا ٺاھيا پيا وڃن. ان منصوبي تحت سنڌي قوم جو ڌيان ڪئنالن واري مسئلي تان ھٽائڻ لاءِ، ڪنھن بہ اسٽيبشمينٽ جي ايجنٽ پاران سنڌ ۾ نئين صوبي جي گهُر ڪرائي، سنڌ ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي سازش ڪئي ويندي.“ پوءِ سڄي قوم ڏٺو تہ حڪمرانن پاران اجرڪ واري نمبر پليٽ جي اوٽ ۾ ھڪ طرف اردو ڳالھائيندڙن جي ذھنن ۾ اجرڪ خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي تہ ٻئي پاسي سنڌين کي اردو ڳالھائيندڙن خلاف چڙ ڏياري جهيڙا ڪرائڻ جي سازش ڪئي تہ وري 90ع واري آپريشن دوران اردو ڳائيندڙن خلاف اسٽيبلشمنٽ جي مخبر جو ڪردار ادا ڪندڙ آفاق احمد نئين صوبي جو مطالبو ڪرڻ لڳو پر ھاڻي اردو ڳالھائيندڙ بہ کيس چڱيءَ طرح سڃاڻي چڪا آھن تہ ھو ڪنھن جي ٻولي پيو ٻولي. سنڌ ڌرتيءَ تي لاڳيتا وار ۽ ھلائون ٿيڻ جو ھڪ وڏو سبب اھو آھي تہ سنڌ جي سرزمين جيڪا ھزارين سالن کان قدرتي نعمتن ۽ وسيلن سان مالا مال آھي ۽ ھن ڌرتيءَ جو پيٽ قدرتي گئس، تيل ڪوئلي سنگ مرمر، چوني جي پٿر، لوھہ، جپسم، يورينئم، ٿورينئم، ليٿيئم، سون، ٽامي، پتل، نيوڊينئم، ڊائپروسيئم، ڪوبالٽ، نڪل، پلاٽينيئم ۽ ٿيورينئم سان ڀريل آھي ۽ ھاڻوڪي کوجنا مطابق انڊس ريجن ۾ سمنڊ اندر چار اھڙيون سائيٽون موجود آھن، جتي نہ رڳو وڏي پئيماني تي تيل موجود آھي پر ان سان گڏ ايل اين جي بہ وڏيءَ مقدار ۾ موجود آھي، جنھن تي آمريڪا سميت دنيا جي ٻين سپر پاور ملڪن جون بہ نظرون کتل آھن. پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي (PACRA) جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا جو جيڪو ڪم ھلي رھيو آھي ان ۾ سنڌ ملڪ جي سمورن صوبن کان سوائي آھي. پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا 33 کوھہ، خيبر پختون خواھہ ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ 4 آھن جڏھن تہ فقط سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي کوھن جو تعداد 247 آھي. اھڙيءَ طرح فقط سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا 82 ڏھائي 61 سيڪڙو آھن. جڏھن تہ ان کان اڳ ۾ بہ خانپور ضلعي گهوٽڪيءَ مان ھڪ نئين گئس جو ذخيرو ھٿ لڳو آھي، بدين ۽ سانگهڙ مان پڻ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ھٿ اچي چڪا آھن جنھن مان اھا ڳالھہ چٽي ٿي چڪي آھي تہ مستقبل ۾ سنڌ، آمريڪا توڙي ٻين عالمي ملڪن ۽ ڪمپنين لاءِ مرڪزي حيثيت رکندڙ بڻجي ويندي. اھوئي سبب آھي جو مستقبل ۾ سنڌ مان نڪرندڙ خزانن جي چمڪ ۽ ھٻڇ طاقتور ڌرين کي چريو ڪري وڌو آھي سندن عقل تي پردا چڙھي ويا آھن ۽ کين آئين جي پاسداريءَ ۽ ملڪ جي سلامتيءَ کي داءُ تي لڳائيندي بہ ڪو عار محسوس نہ پيو ٿئي. سندن پراڻي خواھش آھي تہ طاقت جي زور تي تاريخي قومن کي چپي چيڀاتي ڪمزور ڪري سندن وسيلن ۽ ڌرتيءَ جي مالڪيءَ واري حق کان محروم ڪري مستقل غلامن واري حيثيت ۾ رکي ڇڏجي. اھي سگهاريون ڌريون پنھنجا غير قانوني ۽ غيرآئيني مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ روز نوان شوشا ڇڏيندي نوان افواھہ ڦھلائينديون رھن ٿيون. پر کين ياد رکڻ گهرجي تہ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن ۽ وحدتن ھيءُ ملڪ تخليق ڪيو آھي ۽ ھر تخليق ڪار کي پنھنجي تخليق سان بي انتھا محبت ھوندي آھي اسان کي بہ پنھنجي ملڪ سان محبت آھي پر ھن ملڪ تي قابض قوتن جو پاڪستان ٺاھڻ ۾ ڪوبہ ڪردار نہ آھي، سندن لاءِ اھو چوڻ ئي ڪافي آھي تہ ”آئي ٽانڊو کڻڻ، گهر ڌياڻي ٿي ويٺي.“پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آھي جنھن کي ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ ملڪن ۽ رياستن گڏجي ٺاھيو آھي انھن قومي وحدتن جي تاريخي ۽ جاگرافيائي تشخص خلاف ڪا بہ ھٿ چراند ملڪ سان بغاوت برابر آھي. سنڌ فتح ٿيل علائقو نہ پر 5 ھزار سالن جي شاندار تاريخ رکندڙ ملڪ رھيو آھي پر 1940ع واري ٺھراءُ ۾ ڪيل وعدي تحت ھڪ خود مختار، خود اختيار۽ حاڪم رياست جي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيو آھي. اھا پڻ تاريخي حقيقت آھي تہ پاڪستان ۾ شامل اڪائيون ڪي ”انتظامي يونٽ“ نہ پر قومي وحدتون آھن، جن ھن ملڪ کي جنم ڏنوپر پاڪستان انھن وحدتن کي ناھي ٺاھيو. سگهارين قوتن کي اھا ڳالھہ بہ ياد رکڻ گهرجي تہ سنڌي قوم جي سامھون جڏھن سنڌ جي بقاءَ وحدانيت ۽ وجود جي سلامتيءَ جو سوال ايندو آھي، تڏھن اھي پنھنجي جان ۽ مال جي پرواھہ نہ ڪندي، ھر حد اورانگهي پنھنجي سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ نڪري پوندا آھن. پوءِ کڻي اھا ون يونٽ خلاف شاندار تحريڪ ھجي ڪالا باغ ڊئم جو مسئلو ھجي يا سنڌو درياھہ تي ڪئنالن ٺاھڻ جو. سنڌي قوم ھر اھڙيءَ سازش جو جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو آھي تہ پوءِ ھيءُ تہ وري بہ سنڌ جي وجود جي بقا جو سوال آھي. موجودھہ غيرنمائندھہ ايوانن ۽ ڪٺ پتلي حڪمرانن وٽ نہ اھو اختيار آھي ۽ نہ مينڊٽ جو اھي صدين جي تاريخ رکندڙ رياستن جي وجود کي ميسارڻ جون ڪوششون ڪن ۽ ساڻن ٿيندڙ حق تلفين جو ازالو ۽ کين مڪمل خودمختاري ڏيڻ ۽ سندن سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ بدران سندن وجود تي وار ڪن. جيڪڏھن اڃا بہ 73ع وارو آئين جيئرو آھي ۽ کيس سنگينن جي چنھبن سان چٿي ماريو نہ ويو آھي تہ اھڙي قسم جون رٿائون آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ملڪ خلاف بغاوت سمجهيون وڃن ٿيون ۽ اھڙن ماڻھن خلاف بغاوت جو ڪيس ھلايو وڃي ٿو. انھيءَ آئين مطابق مرڪز ”انتظامي يونٽن جي تشڪيل“ يا ڪنھن ٻئي بھاني سان ڪنھن بہ صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪابہ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي، جيستائين لاڳاپيل صوبي جي حقيقي طور چونڊيل صوبائي اسيمبلي پنھنجي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان اھڙي اجازت نٿي ڏي. 73ع وارو آئين اھو بہ چوي ٿو تہ ” ڪنھن بہ صوبي مان ملندڙ معدنيات تي پھريون حق لاڳاپيل صوبي جو آھي“ جيڪو 50 سيڪڙو آھي پر ان ڳالھہ کي بہ گول مول ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن 73 وارو آئين مري چڪو آھي، جيڪا ھڪ حقيقت بہ آھي تہ 1977ع کان ھن ملڪ کي بنا آئين جي ”ليگل فريم آرڊرن“ تحت ھلايو پيو وڃي، تہ اھڙيءَ صورت ۾ اسان واپس 1935ع واري برٽش حڪومت جي آزاديءَ واري قانون (British independent law of 1935) وٽ پھچي چڪا آھيون، جتان اسان ٻيھر ”نئون سماجي معاھدو“ ڪرڻ لاءِ آزاد ھوندا سين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جا ريڪارڊ ٽٽي پيا، غريب پورهيت جو گهر ڊهي پٽ
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڳڙهي ياسين ويجهو بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گهڻن صوبن واري رٿا
سيد يوسف شاھہ
0 تبصرے