English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: جنگشاهي ويجهو ڳوٺ حاجي کينئرو جوکيو باشار جو اسڪول ورهين کان بند پيل
views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اسڪول ڪافي وقت کان بند هجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، نوٽيس ورتو وڃي: ڳوٺاڻا
ٺٽو(شفيق ڀٽي)جنگشاهي ڪوهستان ست ڀاڱي چار جي ڳوٺ حاجي کينئرو جوکيو باشار جو اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند ھجڻ ڪري اتان جا معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻجي ويا، معصوم ٻارڙن جو ڳوٺ جي نوجوانن سان گڏ اسڪول اڳيان احتجاجي مظاھرو، فورن بند ٿيل اسڪول کي کولرائي اسڪول تي استاد مقرر ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ حاجي کينئرو جوکيو جي ڪيترن ئي تعليم کان محروم ٿيندڙ معصوم ٻارڙن پنھنجي ڳوٺ جي نوجوانن سان گڏ بند ٿيل اسڪول بلڊنگ آڏو اسڪول کولرايو ٻار پڙهايو جا زوردار نعرا ھڻندي غلام نبي جوکيو، فقير علي نواز جوکيو، پرويز جوکيو، جمال الدين جوکيو، راشد جوکيو، عالم جوکيو چيو تہ سندن اسڪول ڪافي وقت کان بند ٿيڻ ڪري سندن ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، ھنن چيو تہ سنڌ حڪومت ھن واري جيڪي نوان استاد مقرر ڪيا اھن، اھي بند ٿيل اسڪولن تي ناھن مقرر ڪيا، انھن کي انھن اسڪولن تي مقرر ڪيو ويو اھي، جتي اڳ ۾ ئي استاد مقرر ٿيل اھن، ھنن چيو تہ اسان پنھنجي بند ٿيل اسڪول کي کولرائي استاد مقرر ڪرڻ لاء ڪافي ڪوششون ڪيون آھن، پر اسانجي دانھن تي ڪير بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، ھنن وزير اعلىٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم، ايم پي اي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي، ايم اين اي صادق علي ميمڻ سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي ته فورن هن جديد دور ۾ سندن بند ٿيل اسڪول کي کولرائي استادن کي مقرر ڪري سندن معصوم ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آراستہ ڪري سندن مستقبل سنواري کين جهالت جي زندگي مان نجات ڏياري وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جنگشاهي ڪوهستان
ڳوٺ حاجي کينئرو جوکيو
0 تبصرے