نوشهروفيروز ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي

يوٿ انصاف هائوس کان نئشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، عمران خان جي گرفتاري قوم جي مينڊيٽ جي توهين آهي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي

نوشهروفيروز (ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران باني چيئرمين عمران خان جي آزادي جي مطالبـي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جو آغاز يوٿ انصاف هائوس تان ٿيو، جيڪا الله والا چوڪ کان ٿيندي نئشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز تي ختم ٿي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن "عمران خان کي آزاد ڪيو" جا نعرا هڻي موجوده حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلے ڪارڊ کنيا هئا، جن تي عمران خان جي حمايت ۾ نعرا لکيل هئا. پي ٽي آءِ مڌر ونگ اڳواڻ رمضان لنڊ, يوٿ ونگ ضلعي اڳواڻ افضل علي منگي, دوست علي کوسو, ليبر ونگ اڳواڻ عباس علي حب, عمران راجپوت, عابد راجپوت, نظر محمد دستي, ثناء الله مستوئي رضوان خانزادا, پير شيراز , اختر علي پرھيار علي رضا ھاليپوٽو سميت سون جي تعداد ۾ ڪارڪونن سميت شھرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عمران خان ملڪ جي حقيقي آواز آهي، سندس غير قانوني گرفتاري قوم جي مينڊيٽ جي توهين آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عمران خان کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ريلي پرامن نموني ختم ٿي وئي، ريلي ختم ٿيڻ کان وءسٽي وليس ايس ايڇ اوراجا سرفراز نويد پي ٽي آء جي ٽن ڪارڪنن کي رستي مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي جلد آزاد نه ڪيو ته سڀاڻي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.