English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويهنداسين: اياز لطيف پليجو
223 views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کڻي وڃو
حيدرآباد(بيورو) اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون. ميرٽ جي لتاڙ منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويو آھي. سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويهنداسين. انصاف لاءِ ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي بہ ختم ڪرڻ تائين جدوجهد ڪبي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کڻي وڃو. تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ کپي تہ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، زمينن قبضن ، ميرٽ لتاڙ ۾ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ملوث آهي زرداري مافيا ۽ پيپلز پارٽي امير سنڌ کي ڪرپشن ،بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. ڪرپشن سنڌ ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، آھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿي اڳواڻن چيو تہ سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آهي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌو درياءَ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙن تي زمينن تي قبضا ۽ وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے