مورو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي، آفيسرن ۽ ملازمن جي شرڪت

ڊي سي مستقيم قريشي، چيئرمين نذير احمد ميمڻ ۽ سي ايم او نور سمون جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

مورو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي، آفيسرن ۽ ملازمن جي شرڪت

مورو (جاني جماڻي)ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر مورو مستقيم قريشي ۽ چيئرمين نذير احمد ميمڻ سي ايم او نور سمون جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريليءَ ۾ ڀارت خلاف، ڪشمير ۽ ڪشميرين جي حق ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ريليءَ ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن عملدارن شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ريليءَ کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مستقيم قريشي ۽ چيئرمين نذير احمد ميمڻ چيو ته ڪشمير تي صرف ڪشميرين جو حق آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشه حمايت جاري رکندو ريليءَ کي مستقيم قريشي ۽ نذير احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي ڀارت جي آئين جي آرٽيڪل 370 موجب جيڪا ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي ان کي ختم ڪيو ويو ڪشمير کي اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي ۽ ڪشميري ماڻهن کي انهن جي مرضيءَ جي تحت انهن کي حق ڏنو وڃي جيڪو 78 سالن ۾ نه ڏنو ويو آهي مستقيم قريشي ۽ نذير احمد ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪشميري جيڪي لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي رهن ٿا انهن ۾ بيچيني آهي ۽ هي معاملو تمام سنجيده نوعيت جو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت آهن ۽ اسان گهر ٿا ڪيون ته ڪشمير جو مسئلو اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي،