English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي صحافي نثار احمد گندرو تي منشيات فروشن جو مبينا حملو
views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حملي آورن گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ هوائي فائرنگ ڪري خوف پکيڙيو: نثار احمد گندرو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي جي گندرا برادري جي معزز صحافي نثار احمد گندرو جي ٺٽي شھر جي اسلامپور محلي وارڊ نمبر 3 ۾ سندس گھر تي منشيات فروشن حملو ڪري ھوائي فائرنگ ڪري علائقي ۾ ڏھڪاء پکيڙي کيس زخمي ڪري وڌو، زخمي اسپتال داخل، حملي آورن سندس گھر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھ ڪري 6 موٽر سائيڪلن سميت گھر ۾ رکيل سموري سامان کي نقصان پھچائي ڇڏيو، ٺٽي ٿاڻي تي حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪابہ گرفتاري عمل ۾ اچي نہ سگھي. ان سلسلي ۾ سول اسپتال مڪلي ۾ زخمي حالت ۾ داخل ٿيل ٺٽي شھر جي اسلامپور محلي وارڊ نمبر 3 جي رھواسي گندرا برادري جي معزز صحافي نثار احمد گندرو ٻڌايو تہ گذريل رات منشيات فروشن بلاجواز سندس گھر تي حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪرڻ سميت سندس گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري 6 موٽر سائيڪلن سميت گھر ۾ رکيل سموري سامان کي نقصان پھچايو ويو آھي، جنھن نقصان جي ڀرپائي ناممڪن بڻيل آھي، نثار احمد گندرو چيو تہ ھن ٺٽي ٿاڻي تي مٿس حملو ڪندڙن توڙي سندس گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري کيس نقصان پھچائيندڙ خلاف ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو اھي، جنھن ۾ 9 حملي آور نامينيٽ ۽ 4/5 نامعلوم ڄاڻايا ويا اھن، نامينيٽ ڪيل حملي آورن ۾ عزيز، مصطفيٰ، رفيق، سليم، اسلم، عباس، غلام، سرور ۽ عادل گندرو شامل آھن، پر پوليس اڃان تائين ڪوبہ حملي اور جوابدار گرفتار ڪري ناھي سگھي، جيڪي کيس وڌيڪ نقصان ڏيڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن مٿس حملو ڪندڙن توڙي سندس گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري کيس نقصان پھچائيندِڙ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائي کيس تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي انيس ھيلايو، عبدالرحمن گندرو، اسماعيل پليجو ۽ بيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي جي صحافي نثار احمد گندرو
0 تبصرے