عمرڪوٽ ۾ پسند جي شادي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل کي مينا ڌمڪين جو ڪيس داخل

وڪيل ونود ڪمار کي مبينا ڌمڪين جو سٽي ٿاڻي تي پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

عمرڪوٽ ۾ پسند جي شادي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل کي مينا ڌمڪين جو ڪيس داخل

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ شهر ۾ پسند جي شادي جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل ونود ڪمار کي عدالت ٻاهران مبينا طور قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جن جي بنياد تي سٽي ٿاڻي تي پنج ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جوابدار اڻڄاتل آهي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا مار ڪاروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ايف آءِ آر موجب وڪيل ونود ڪمار مقامي عدالت ۾ هڪ اهڙي ڪيس جي پيروي ڪري رهيو هو، جنهن ۾ مسلمان نوجوان الهڏنو رند، ھندو برادري سان تعلق رکندڙ نياڻي مينا ڀيل (جنهن جو اسلامي نالو مريم رکيو ويو) سان پسند جي شادي ڪئي هئي، عدالت پاران مريم جي عمر گهٽ هجڻ سبب کيس دارالامان منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالتي فيصلي کان پوءِ وڪيل ونود ڪمار الزام هنيو ته نوجوان الهڏنو رند، نادر علي رند، فاروق، نور محمد ۽ هڪ اڻڄاتل شخص کيس عدالت ٻاهران مبينا طور قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، ان واقعي تي وڪيل برادري سخت ردعمل ظاهر ڪندي احتجاج طور سٽي ٿاڻي پهتي ۽ فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پوليس پاران ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون ويون آهن، عمرڪوٽ بار ايسوسيئيشن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.