English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، اربن ريجنل پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ کاتي پاران سيمينار
views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڊائريڪٽر اربن ريجنل پاليسي ذوالفقار علي ڪنڀر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي مراد ابڙو، ڪنسلٽنٽ سيد بابر شاهه آگاهي ڏني
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، اربن ريجنل پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ پلاننگ کاتي پاران مورو شهر جي ماسٽر پلان جي تياري جي حوالي سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر اربن ريجنل پاليسي ذوالفقار علي ڪنڀر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي مراد ابڙو، ڪنسلٽنٽ سيد بابر شاهه سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي پروگرام بابت آگاهي ڏني. مورو شهر جي ماسٽر پلان جي ڪنسلٽنٽ (اي اي ڪنسلٽنگ) چيو ته سنڌ جي وڏن شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا پيا وڃن. هي پروگرام 2013 ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي 17 وڏن شهرن لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 14 شهرن جي ماسٽر پلان تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ٽئين مرحلي ۾ ڪوٽڙي، هالا، ٽنڊو آدم ۽ مورو شامل آهن. هن سيمينار جي انعقاد جو مقصد ماسٽر پلان ۾ شامل اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪرڻ آهي. هن چيو ته شهر جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ کان پوءِ هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جيڪا سڀني شرڪت ڪندڙن جي سامهون رکي پئي وڃي. ماسٽر پلان ۾ ايندڙ 20 سالن تائين آبادي کي درپيش گهربل صحت، تعليم، صاف پاڻي جي فراهمي، نيڪال، پارڪ، روڊ ۽ ٻين مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته شهرن ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سڀني ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ماسٽر پلان کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجون تجويزون شامل ڪن. هن چيو ته جيئن شهرن جي آبادي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن ان لاءِ مناسب انتظام نه ڪيا ويا ته سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. سيمينار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نذير احمد ميمڻ، سيد ڪاظم شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر اڪرم رائو، اسسٽنٽ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز جاويد علي ڀنگر، انفارميشن آفيسر قمرالزمان ڀنڀرو ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
تازہ ترین
سیلاب کو روکنے کے لیے تیار ہیں، وفاق بی آئی ایس پی کے ذریعے متاثرین کی مدد کرے: بلاول
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ڀائٽيو قتل, ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 2ڄڻا گرفتار،ڪيس داخل
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے