ملاقات دوران ايم اين اي نيلم ڪماري پارٽي جي عورتن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ مڪمل سهڪار جو اظهار ڪيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اقليتي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نيلم ڪماري ڪراچي ۾ تعزيتون ڪيون، هن پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مهناز خان سان گڏ مسلم ليگ ن جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناهيد ايڊووڪيٽ جي مڙس جي لاڏاڻي تي انهن جي گهر وڃي تعزيت ۽ دعا ڪئي، ان موقعي تي نيلم ڪماري سوڳوارن سان همدردي جو اظهار ڪندي صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي، بعد ۾ نيلم ڪماري مسلم ليگ ن ڪراچي ڊويزن جي سينيئر نائب صدر جميلا ظفر جي گهر پهتي، جتي هن سندن مڙس جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ساڻس گڏ لنچ پڻ ڪيو، ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات دوران نيلم ڪماري پارٽي جي عورتن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ مڪمل سهڪار جو اظهار ڪيو، نيلم ڪماري مسلم ليگ هائوس ڪار ساز ۾ ڪراچي ڊويزن ۽ ضلعي ڪابينه سميت اقليتي ميمبرن سان به خاص ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي هن اقليتي برادري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته مسلم ليگ ن هميشه اقليتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي، عورت اڳواڻن ۽ اقليتي ميمبرن نيلم ڪماري جي دوري تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس ڀرپور آجيان ڪئي، ملاقات دوران سياسي ۽ تنظيمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ مستقبل جي رٿابندي بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.
0 تبصرے