ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ اقليتي برادري جي مسئلن بابت اجلاس

ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ اقليتي برادري جي مسئلن بابت اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ اقليتي برادري جي مسئلن جي حل ۽ سندن آئيني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ بابت ضلعي بين المذاھب ھم آھنگي ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، سوشل ويلفيئر، ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن، هندو ۽ عيسائي برادري جي نمائندن، اقليتي معاملن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جو بنيادي مقصد اقليتي برادري کي درپيش بنيادي مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ هو. ان موقعي تي اقليتي نمائندن پاران مندرن، گرجا گهرن، مساڻ ۽ ٻين عبادتگاهن تي قبضن، چارديواري ڏيارڻ، سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ، روڊن رستن جي مرمت، تعليم، صحت، روزگار، سيڪيورٽي ۽ ٻيا مسئلا تفصيل سان پيش ڪيا ويا، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر کين هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن سميت ٻين سڀني مسئلن جي هڪ جامع فهرست تيار ڪري پيش ڪن ته جيئن انهن جي حل لاءِ قدم کڻي سگهجن. هن حد بندي کان پوءِ اقليتي برادري جي عبادتگاهن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته اقليتون اسان جي سماج جو هڪ اهم ۽ معزز حصو آهن ۽ ضلعي انتظاميه سندن حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هُن شرڪت ڪندڙن کي اھو پڻ يقين ڏياريو ته اقليتي برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هُن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا اقليتن سان مڪمل تعاون جاري رکندي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.