شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور شھر ۾ منير سومرو ۽ اياز ميمڻ جو جڳھ معاملي تي پيدا ٿيل ڇڪتاڻ وارو سوشل ميڊيا تي آيل معاملي جو نبيرو ٿي گذريو، منير سومرو ۽ اياز ميمڻ جو جڳھ وارو معاملو ڏيڍ سال کان رھيل ھو جنھن سبب ھڪ ٻئي سان تڪرار ٿي پيو جنھن بعد جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اسدالله سومرو ۽ سومرا ھائوس شڪارپور جو اڳواڻ عاشق علي سومرو ٻنھي ڌرين سان معاملي جي حل لاء ملاقاتون ڪيون ويون جنھن بعد امين طور اناج منڊي جي صدر سميع الله شيخ وٽ فيصلو رکرايو ويو, فيصلي ۾ دلبر خان مھر, عرفان خان مھر, سرفراز مگسي, مشتاق احمد شيخ, مختيار احمد شيخ تاج شيخ, صحافي زاھد نون, ارشاد آرائين ۽ ٻنھي ڌرين جا مشير پڻ شريڪ ٿيا , ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ کان پوءِ فيصلي جي فتوي جاري ڪئي وئي جنھن ۾ ڌر منير سومرو کي ٻئي ڌر اياز ميمڻ جا 20 لک مليل ثابت ٿيڻ تي منير سومرو ڌر اياز ميمڻ کي 30 لک ڀري ڏيڻ جو پابند ڪيو ويو
0 تبصرے