English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غلط آپريشن سبب نينگر زندگي ۽ موت جي 2 واٽي تي بيٺل، والد جو احتجاج
views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر معشوق خواجا پٽ جو غلط آپريشن ڪيو، جنهن سبب هو موت سان وڙهي رهيو آهي: الهبچايو سمون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)مڪلي ناريجه وليج واسي الهبچايو سمون عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ سول اسپتال مڪلي ۾ لمس پاران مقرر ڊاڪٽر معشوق خواجہ تي غلط آپريشن جو الزام،انصاف جي گھر،تفصيلي خبر موجب مڪلي ناريجہ ڳوٺ جي رھواسي غريب پورھيت الھبچايو سمون عوامي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته سندس 14 سالا نوجوان پٽ غلام علي کي اچانڪ پيٽ ۾ تڪليف ٿي جو کيس کڻي سول اسپتال مڪلي پھتس جو مونکي ڊاڪٽر معشوق خواجہ چيو تہ ھن کي منھنجي پرائيويٽ سينٽر حسيني اسپتال مڪلي کڻي ھل،جو اتي مونکي ڊاڪٽر معشوق علي خواجه طرفان چيو ويو تہ 75 ھزار رپيا ڪائونٽر تي جمع ڪرائي،جيئن تہ آئون غريب مسڪين ماڻھون آھيان مون اڌاري ڪري 75 ھزار جمع ڪرايا جو ان باوجود ھن منھنجي پٽ جو غلط آپريشن ڪيو، جنھن سبب سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي ويئي، الهبچايو سمون وڌيڪ ٻڌايو ته ان کان پو ڊاڪٽر معشوق وري منھنجي پٽ کي سول اسپتال مڪلي کڻي ھلڻ جو چيو،جتي ھن دوبارہ آپريشن ڪيو پر اھو بہ ناڪام ٿي ويو،جنھن کان پو ھن مونکي جناح اسپتال موڪليو،جتي انھن بہ داخل نہ ڪيو،ھاڻ منھنجي پٽ جي حالت خراب آھي، هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر معشوق خواجہ مونکان آپريشن جا 75 هزار فيس جا به ورتا، ان باوجود غلط آپريش ڪري منھنجي پٽ جي زندگي داؤ تي لڳائي ڇڏي آھي،ھن چيو تہ ان کان پو آئون وڌيڪ اڍائي ٽي لک خرچ ڪري چڪو آھيان پر اڃا تائين منھنجي پٽ جي حالت بدستور خراب آھي،ھن چيو تہ ڊاڪٽر معشوق خواجہ ذاتي لالچ ۾ اچي سندس پٽ جو غلط آپريشن ڪري سندس زندگي کي داؤ تي لڳائي وڏو ظلم ڪيو آھي، هن وزير اعلا سنڌ، ھيلٿ منسٽر سنڌ،سيڪريٽري ھيلٿ سنڌ،لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ھتان جي چونڊيل سياسي نمائندن حاجي علي حسن زرداري،سيد رياض شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ کان فوري طور ھن معاملي جي نوٽيس وٺڻ، ڊاڪٽر معشوق خواجہ تي ايڪشن وٺڻ ۽ سندس پٽ جي حياتي بچائڻ لا علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مڪلي
ڊاڪٽر معشوق خواجا
الهبچايو سمون
0 تبصرے