ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن نديم احمد ابڙو هڪ ڏينهن جي دوري تي نوشهرو فيروز پهتو

اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر سيد عمار حسين، ڊي سي محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي بشير بروهي ۽ ٻيا شريڪ

ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن نديم احمد ابڙو هڪ ڏينهن جي دوري تي نوشهرو فيروز پهتو

نوشهرو فيروز (ڊ ر)ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن نديم احمد ابڙو اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي نوشهرو فيروز پهتو. هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ممڪن برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر سيد عمار حسين، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير احمد بروهي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 صدام حسين ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-2 غلام علي طارق، ايڪسن ايريگيشن روهڙي ڊويزن نوشهروفيروز افتخار احمد لانگاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر اڪرم رائو، انفارميشن آفيسر قمر زمان ڀنڀرو ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران ڪمشنر کي ضلعي جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته ضلعي ۾ سنڌو درياءَ جي ايس ايم ڊيم جا ٽي هنڌ حساس آهن، جن مان ٻن تي صورتحال اطمينان بخش آهي، جڏهن ته هڪ هنڌ ڪوڏي جا ڀاڻ درياهه حفاظتي بند کي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڏينهن رات نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪو به خطرو ناهي. ايندڙ هفتي دوران ضلعي جي حدن مان 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گذرندو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر شهيد بينظير آباد چيو ته سڀني کاتن جا آفيسر پاڻ ۾ تعاون کي فروغ ڏين. ڪنهن به ايمرجنسي کان پوءِ ڪم ڪرڻ کان اڳواٽ تياري ڪرڻ بهتر آهي. ايس ايم بند جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي ۽ هر ميل تي آبپاشي کاتي جو عملو مقرر ڪيو وڃي. هن سيپڪو کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي مسلسل فراهمي جا انتظام ڪيا وڃن، صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ۽ اي آر وي ويڪسين جو بندوبست ڪيو وڃي. هن اطلاعات کاتي جي ضلعي آفيسر قمر زمان ڀنڀرو کي هدايت ڪئي ته هو طبي سهولتن، موسمي حالتن، احتياطي تدبيرن ۽ ٻوڏ بابت معلومات سوشل ميڊيا تي فراهم ڪري. هن تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ دوران رليف ڪئمپن جي طور تي قائم ڪيل اسڪولن، عمارتن ۽ ٻين انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي. هن 1122 ريسڪيو جي انچارج کي ضلعي ۾ واهن ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ شهرين جو انگ معلوم ڪيو،ان چيو ته واھن ۾ وهنجڻ تي 144 لاڳو ڪيو ويو آھي، هن ماڻهن کي پاڻي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي. هن پوليس کاتي کي هدايت ڪئي ته دريائن ۽ واهن تي پوليس پوسٽون قائم ڪيون وڃن. اجلاس کان پوءِ، ڪمشنر، لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ سنڌو درياءَ جي ڪوڙي جا ڀاڻ جي مقام تي حفاظتي بندن جو معائنو ڪيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.