ميمبرن سينيئر اديبن توڙي شاعرن پاران فريد گل تي بي اعتمادي ظاهر
سجاول (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول ۾ اختلاف وڌي ويا سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول جي سينئير اديبن جو چوڻ ھو ته شاخ سجاول تي زوري ٿاڦيل سيڪريٽري فريد گل شاعر نه چونڊيل آھي نه ئي اتفاق راءٍ سان کيس سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول جو سيڪريٽري بنايو ويو ھو ھن تي شاخ جي بنيادي ميمبرن سيئير اديبن توڙي شاعرن پاران بي اعتمادي جو پڻ اظھار ڪيو ويو سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول جي بنيادي ميمبرن صاحب ڪتاب ناليوارن شاعرن محمد ٻارڻ عبد سنڌي واحد سوز ملاح فقير خدا ڏنو ٺاراڻي اسد مھراڻوي نجيب سانگي سرويچ شاد رزاق ميمڻ علي محمد اعجازي ساحل سنڌي ۽ ٻين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول ۾ ويڇا توڙي سنڌي ادبي سنگت شاخ جي سينئر اديبن سان نامناسب رويي سنگت ۾ ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو ذميوار شاخ سجاول تي زوري ٿاڦيل سيڪريٽري فريد گل آھي کيس فوري طور تي ھٽايو وڃي ھنن جو اھو پڻ چوڻ ھو ته ادبي سنگت کي ڪاروبار بنائڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو جنھن کي اسان قطعي طور تي برداشت نه ڪنداسين سنڌي ادبي سنگت ادب دوست ماڻھن جو پليٽ فارم آھي ھن پليٽ فارم کي ڪاروبار ڪرڻ جو پليٽ فارم بنائڻ ھرگز نه ڏينداسين ٻئي صورت ۾ اسان احتجاجن پنھنجون ادبي گڏجاڻيون الڳ سڏائي سرگرميون جاري رکنداسين ھنن جو اھو به چوڻ ھو تہ مرڪزي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ توڙي ضلعي رابطا سيڪريٽري پڻ شاخ سجاول جي سيڪريٽري جي اھڙي رويي جو نوٽيس وٺن جڏھن ته شاخ سجاول جي بنيادي ميمبرن پاران ان خلاف بي اعتمادي رٿ پڻ آڻينداسين سنگت کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو ذميوار پڻ شاخ سجاول جي سيڪريٽري کي قرار ڏنو ويو جڏھن ته ان حوالي سان سيڪريٽري شاخ سجاول فريد گل کان موقف وٺڻ تي ھن جو چوڻ ھو تہ اھي اديب انا پرست آھن پنھنجي انا تي گامزن آھن ٻيو ڪو به معاملو ناھي
0 تبصرے