English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪينجهر ڍنڍ تي ويندڙ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي بس سان حادثو، +6 ڄڻا فوت، 26 کان وڌيڪ زخمي
views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) مڪلي ويجھو ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ تي پڪنڪ ملھائڻ لاء ويندڙ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي، 6 ڄڻا موقعي تي فوت، 26 کان وڌيڪ، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو. تفصيل موجب مڪلي لڳ درگاھ محمد علي پير وٽ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي ڪراچي اورنگي ٽائون کان ٺٽي ڪينجھر ڍنڍ تي پڪنڪ ملھائڻ لاء ايندڙ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پاڻي واري کاھي ۾ ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ بس جي ڇت تي سوار 6 ڄڻا ڪري موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 26 کان مٿي زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، فوتين ۾ اسداللہ، ارباب، محمد رئوف، بشير، احسان اللہ ۽ ابرار علي شامل آھن، جڏھن تہ زخمين ۾ اورنگزيب، انور علي، گوھر علي، ارشد علي، ڪامران الحق، اذان، حماد ربي، عماد ربي، عطائي ربي، محمد آصف، نعمان، ظھور احمد، فضل ڪريم، محمد ساجد، جاويد اقبال، خالد اقبال، فيضان، حسنين ۽ ٻيا شامل آھن، ياد رھي تہ ڪراچي واسي ڪينجهر ڍنڍ گهمڻ لاء ايندي حادثي جو شڪار ٿيا آھن، جڏھن تہ صبح کان وٺي تيز طوفاني برسات جو پڻ مڪلي، ٺٽو، درگاھ ستيون، جھمپير، جنگشاھي سميت اسپاس جي علائقن ۾ وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رھيو، برسات سبب زخمين توڙي فوتين کي اسپتال پھچائڻ ۾ پڻ ڪافي مشڪلاتون پيش ايون، اطلاع ملڻ تي اي سي ٺٽو، پوليس عملدارن سان گڏ جماعت اسلامي جا اڳواڻ عبدالله آدم گندرو، محمد علي سنڌي ۽ ٻيا پڻ حادثي واري ھنڌ پھچي ويا، جن فوتين جي لاش توڙي زخمين کي ريسڪيو ڪرائي 1122 ۽ ايدھي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، سمورا زخمي ۽ فوتي جماعت اسلامي جا ڪارڪن ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي ڪينجھر ڍنڍ تي تفريح ملھائڻ لاء بس ۾ ايندي بس مڪلي ويجھو کاھي ۾ ڪرڻ ڪري حادثي جو شڪار بڻيا، جڏھن تہ بس کي وڏي ڪرين گھرائي بس کي سڌو ڪري کاھي مان ٻاھر ڪڍيو ويو، حادثي سبب بس کي پڻ ڪافي نقصان پھتو آھي، جڏھن تہ فوتين جا لاش انتظاميہ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي لاش ڪراچي کڻائي ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪينجهر ڍنڍ
جماعت اسلامي جي
0 تبصرے