English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھندو پنچائت شڪارپور جي اليڪشن ڪرائڻ لاء جوڙيل ڪميٽي جي گڏجاڻي
views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اليڪشن ڪمشنر پروفيسر پرڪاش لال جي صدارت ھيٺ اليڪشن آفيس ۾ ٿي گذري
شڪارپور (احسان ابڙو ) ھندو پنچائت شڪارپور جي سال 2024, 2025 جي اليڪشن ڪرائڻ لاء جوڙيل اليڪشن ڪميٽي جي گڏجاڻي اليڪشن ڪمشنر پروفيسر پرڪاش لال جي صدارت ھيٺ اليڪشن آفيس ۾ ٿي گذري جنھن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ايڊوڪيٽ بسنت لال، اشوڪ ڪمار ، تيرت داس ، پرڪاش سوکيجا پاران شرڪت ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ ھم نڪتن تي غور ويچار ڪيو ويو ھنن پاران سخت افسوس جي اظھار سان نوٽ ڪيو ويو ته ٽوپن ڪرتر، مولچند، منوھر، گوتم شرما ۽ سام سان سجيوارو پاران 15 جولاء تي اليڪشن ڪميٽي جي ٽيم سان ملاقات ڪئي وئي جنھن دوران ھنن طرفان اليڪشن ڪميٽي جي سموري ٽيم کي نازيبا ٻولي ڳالھائي گھٽ وڌ ڳالھايو ويو ۽ ڪميٽي کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون جيڪا ڪاروائي نه صرف غير اخلاقي ھئي پر اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙي بہ ھئي اليڪشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ان تي بہ ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي ته ٽوپن ڪرتر ۽ مولچند پاران ھڪ واٽس ايپ گروپ ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ اليڪشن ڪميٽي خلاف تذليلي پيغام ۽ بي بنياد لڳائي دٻاءُ وجھڻ واريون سرگرميون جاري آھن تہ جيئن ھنن کي ھندو پنچائت واري اليڪشن ۾ فائدو ملي سگھي اليڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته ھنن طرفان بار بار اليڪشن آفيسرن کي اھو چيو ويو ته اسان ھڪ سياسي بنگلي جا ماڻھون آھيون ۽ حراسمينٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون جيڪي اليڪشن جي غير جانبداري حيثيت لاء سخت خطرو آھن اليڪشن ڪميٽي پاران مٿي بيان ڪيل حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي طرفان اھو فيصلو ڪيو ويو آھي ته موجوده حالتن مسلسل دٻاءَ سبب اليڪشن ۾ غير جانبدار چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه رھيون آھن ھنن پاران موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ھندو پنچائت شڪارپور جون سال 2024, 2025 جون چونڊن ۾ دير جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي اليڪشن ڪميٽي پنھنجي اليڪشن ڪرائڻ ۾ غير جانبداري ۽ ايمانداريءَ سان ڪم جاري رکندي اھڙين غير قانوني حرڪت ڪندڙن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل قانوني ادارن سان بہ اليڪشن ڪميٽي رابطو ڪندي ته جيئن تحفظ ۽ اليڪشن واري عمل کي يقيني بڻائي سگھجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ھندو پنچائت شڪارپور
0 تبصرے