English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي فقيرا ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان شموليتي پروگرام جو جلسو منعقد
views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
رند برادري جي سوين ماڻهن بشير احمد رند جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان فقيرا ڳوٺ ۾ شموليتي پروگرام جو جلسو ٿي گذريو ، جنهن ۾ رند برادري جي سوين ماڻهن بشير احمد رند جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ايم اين اي اقبال مسعود، ايم پي اي رانا شوڪت، پانڌي خان بگٽي، بشير احمد رند, حاجي بجار خان رند ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي جي سترنھن سالن جي لڳاتار حڪومت ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ رڳو ڪرپشن، بدامني، منشيات فروشي ڌاڙيل راڄ کان علاوه غريب عوام کي ڪجھ به ناھين ڏنو، انھن چيو ته سنڌ پوليس کي پ پ پنهنجي ڪمداري تي رکي ڇڏيو آهي، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ ٿا چانھيون ته جيڪڏهن اوهان اسان جي ڪارڪن يا ڪنهن ھمدرد سان ناانصافي ڪئي ته پوءِ ان جو حساب اوهان کي ڏيڻو پوندو، انھن چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي حڪومت سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ھڪ اڻ پڙهيل چيئرمين لالا رحيم کي عوام مٿان نازل ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪم رڳو واٽر بورڊ جو پاڻي چوري ڪري کپائڻ، ٽائون جي ڪروڙين روپين جي فنڊ کي ھڙپ ڪرڻ آهي، جنهن پوري ٽائون کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٽائون چيئرمين رڳو بلڊرن کان ڀتاخوري ڪري احسن آباد کان وٺي معمار موڙ تائين روڊ کي سينگاري رھيو آھي جنھن جو عوام کي ڪو ٽڪي جو فائدو به ڪونهي، انھن چيو ته اسان جي ايم پي ايز کي ڪو فنڊ نٿو ملي باقي وفاق طرفان ايم اين اي جي فنڊ مان جيڪو به بجيٽ ملندو اھو پنهنجي تڪ تي خرچ ڪيو ويندو، انھن چيو ته جڏهن به اسان سنڌ حڪومت جي سامهون غريب عوام جي آواز کي بلند ڪندا آهيون ته پ پ پ حڪومت سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري قومن جي اندر نفرتون پيدا ڪندي آهي، انھن چيو ته سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي، ھي اجرڪ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ثقافت آهي رڳو پ پ جي ڪانھي، انھن چيو ته پ پ پ کان ماڻهن جي بيزاري جو ثبوت اڄ جو ھي جلسو اوهان جي سامھون آهي جنهن ۾ رند برادري جي سوين ماڻهن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ۽ ھزارين ماڻهن جو جلسو اوهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو ، انھن چيو ته متحده قومي موومينٽ عوامي خدمت تي يڪين رکي ٿو، انھن چيو ته اسان رند برادري سميت علائقي واسين جا شڪر گذار آهيون جن ايم ڪيو ايم جي قيادت تي يڪين ڪندي شموليت اختيار ڪئي، آخر ۾ آيل مھمانن کي اجرڪون بلوچي پڳ پاريا ويا، ان موقعي تي عرفان رند، عزيز بزدار ،شيرا ڇٽو، امداد رند پنهنجي دوستن سان گڏ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
تازہ ترین
وزیر داخلہ محسن نقوی کی پاکستان پیپلز پارٹی کے چیئرمین پیپلزپارٹی بلاول بھٹو زرداری سے بلاول ہاﺅس کراچی میں ملاقات
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
20th Oct 2025
•
تازہ ترین
وزیر داخلہ محسن نقوی کی پاکستان پیپلز پارٹی کے چیئرمین پیپلزپارٹی بلاول بھٹو زرداری سے بلاول ہاﺅس کراچی میں ملاقات
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ايم ڪيو ايم پاڪستان
0 تبصرے