English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي فقيرا ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان شموليتي پروگرام جو جلسو منعقد
191 views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
رند برادري جي سوين ماڻهن بشير احمد رند جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان فقيرا ڳوٺ ۾ شموليتي پروگرام جو جلسو ٿي گذريو ، جنهن ۾ رند برادري جي سوين ماڻهن بشير احمد رند جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ايم اين اي اقبال مسعود، ايم پي اي رانا شوڪت، پانڌي خان بگٽي، بشير احمد رند, حاجي بجار خان رند ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي جي سترنھن سالن جي لڳاتار حڪومت ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ رڳو ڪرپشن، بدامني، منشيات فروشي ڌاڙيل راڄ کان علاوه غريب عوام کي ڪجھ به ناھين ڏنو، انھن چيو ته سنڌ پوليس کي پ پ پنهنجي ڪمداري تي رکي ڇڏيو آهي، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ ٿا چانھيون ته جيڪڏهن اوهان اسان جي ڪارڪن يا ڪنهن ھمدرد سان ناانصافي ڪئي ته پوءِ ان جو حساب اوهان کي ڏيڻو پوندو، انھن چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي حڪومت سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ھڪ اڻ پڙهيل چيئرمين لالا رحيم کي عوام مٿان نازل ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪم رڳو واٽر بورڊ جو پاڻي چوري ڪري کپائڻ، ٽائون جي ڪروڙين روپين جي فنڊ کي ھڙپ ڪرڻ آهي، جنهن پوري ٽائون کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٽائون چيئرمين رڳو بلڊرن کان ڀتاخوري ڪري احسن آباد کان وٺي معمار موڙ تائين روڊ کي سينگاري رھيو آھي جنھن جو عوام کي ڪو ٽڪي جو فائدو به ڪونهي، انھن چيو ته اسان جي ايم پي ايز کي ڪو فنڊ نٿو ملي باقي وفاق طرفان ايم اين اي جي فنڊ مان جيڪو به بجيٽ ملندو اھو پنهنجي تڪ تي خرچ ڪيو ويندو، انھن چيو ته جڏهن به اسان سنڌ حڪومت جي سامهون غريب عوام جي آواز کي بلند ڪندا آهيون ته پ پ پ حڪومت سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري قومن جي اندر نفرتون پيدا ڪندي آهي، انھن چيو ته سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي، ھي اجرڪ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ثقافت آهي رڳو پ پ جي ڪانھي، انھن چيو ته پ پ پ کان ماڻهن جي بيزاري جو ثبوت اڄ جو ھي جلسو اوهان جي سامھون آهي جنهن ۾ رند برادري جي سوين ماڻهن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ۽ ھزارين ماڻهن جو جلسو اوهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو ، انھن چيو ته متحده قومي موومينٽ عوامي خدمت تي يڪين رکي ٿو، انھن چيو ته اسان رند برادري سميت علائقي واسين جا شڪر گذار آهيون جن ايم ڪيو ايم جي قيادت تي يڪين ڪندي شموليت اختيار ڪئي، آخر ۾ آيل مھمانن کي اجرڪون بلوچي پڳ پاريا ويا، ان موقعي تي عرفان رند، عزيز بزدار ،شيرا ڇٽو، امداد رند پنهنجي دوستن سان گڏ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ايم ڪيو ايم پاڪستان
0 تبصرے