ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌيو منظم، ڊگھي ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ تيار ٿيو: اياز لطيف پليجو

مقصودو رند ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي

ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌيو منظم، ڊگھي ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ تيار ٿيو: اياز لطيف پليجو

مقصودو رند (رپورٽر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن چودگي اسٽاپ کان ريلي ڪڍي جيڪا مختلف علائقن ٿيندي ڳوٺ محمد کوسو پھتي جتي سوين عورتن سميت ھزارين ماڻهن اياز لطيف پليجو جو شاندار استقبال ڪري ھڪ وڏي جلوس ۾ کيس قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مرحوم علي مردان کوسو جي پھرين ورسي موقعي تي ٿيندڙ جلسي ۾ آندو ويو. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌيو منظم، ڊگھي ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ تيار ٿيو. حڪمران وڏيرا ۽ انھن جا مالڪ ماڻھن کي ڊيڄاري، گھرن ۾ ويھارڻ چاھين ٿا. پاڻ کي ماڻھن کي خوفزده ناھي ڪرڻو، انھن کي حوصلو ۽ ھمٿ ڏئي، پُر امن ۽ ثابت قدم جدوجھد جي ميدان ۾ آڻڻو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ شاندار جدوجھد کي ڪيئن ھائيجيڪ ڪري تباھ ڪيو ويو؟ ھنن نٿي چاھيو تہ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ پکڙجي، اتي ھر روز ٿيندڙ احتجاجن سان ماڻھن ۾ ھنن خلاف شديد نفرت پي پيدا ٿي، ان سان ھنن جا تڪ، ڪاروبار، ڪرپٽ ڌنڌا ۽ ووٽ ٿي خراب ٿيا، ان ڪري ھنن پلان ٺاھيو تہ سنڌي ماڻھو، سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ شاندار احتجاج اڌ ۾ ڇڏي، محدود ٿي، ڪنھن بہ ھڪ ھنڌ وڃي ويھي رھن ۽ آخر ۾ اتي آساني سان مينيج ٿي وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪامريڊ علي مردان کوسو سنڌ جو آواز ھو، جنھن وطن ۽ ڌرتي ڌڻين جي حقن جي جدوجھد لاء پنھنجي صحت جي بہ پرواھ نہ ڪئي۔ ھن ڏينھن ھجي يا رات پارٽي حڪمن کي لبيڪ ڪيو۔ سانگهڙ ضلعي کي ڪامريڊ علي مردان کوسو جھڙن انقلابي، بي لوث ۽ سچن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ علي مردان کوسو ڪالاباغ ڊيم، پاڻي تي ڌاڙن، گريٽر ٿل ڪئنال، مھاجر صوبي، دھشتگردي،ڪاروڪاري،خوني قبيلائي رسمن خلاف ۽ آئين جي بالادستي لاء شاندار ڪردار ادا ڪيو. علي مردان کوسو مھاجر صوبي، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سدائين اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. علي مردان کوسو بيماري باوجود پنھنجي وطن، پارٽي ۽ عوام لاء جدوجھد ڪئي۔ڪامريڊ علي مردان پارٽي جو وفادار ۽ سچو ساٿي ھو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪا بہ گهريلو صنعت ناهي، زراعت تباھ آهي، گريڊ هڪ کان سترهين گريڊ تائين صوبائي نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون، عدليه ۽ سي ايس ايس کانسواءِ، نوڪريون ميرٽ تي نہ ٿيون ملن، وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جو حصو چوري ٿئي ٿو. ڪراچي جو ڪارپوريٽ سيڪٽر، بينڪون، ايم اين سيز، فارما، ڪارخانا سنڌين کي نوڪريون نٿا ڏين.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻهن کي ديوار سان نہ لڳايو ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. ارسا سنڌ جي پاڻي ۾ سھولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي سنڌ نظر نٿي اچي. جنھنڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي پ پ حڪمرانن جو قبضو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسان جي آھي ملڪ اسان جو آھي اسان ٺاھيو پيپلزپارٽي سنڌ کي شامي غريب بڻائي ڇڏيو آهي حڪمران ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن ھنن جو وس پھچي سنڌي ھجن ائين نہ،پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ ست ڪڙور سنڌي ھجن ائين نہ رڳو زمين، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس سمنڊ ماربل ھجي جنهن کي اسان مالي غنيمت سمجهي لٽيون ڦڙيون پر بدقسمتي سان سنڌي آھن ست ڪڙور تنھن ڪري پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت لوھ ٿي وئي آهي ست ڪڙور سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن تنھن ڪري انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا سنڌين کي ڪير دسي سگھندو ست ڪڙور سنڌي ھنن جي خطرناڪ سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. اياز لطيف پليجي تہ سنڌ کي ايٿوپيا بنجڻ نہ ڏينداسين. وفاق حڪومت درياھ، تيل، گئس، بندرگاھ ۽ ٻين وسيلن جي بدلي سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي حڪمرانن جو سنڌي قوم ۽ وطن سان ڪو تعلق ناھي. درياھ ۽ سنڌ تي ڪا بہ سوديبازي قبول نہ ڪئي ويندي. حڪمرانن سمجھي ڇڏين تہ 7 ڪروڙ سنڌين لاءِ ھي جياپي جي جنگ آھي، ڊگھي جنگ آھي، جيستائين ھڪ بہ سنڌي زندھ آھي، تيستائين پنھنجي درياھ، پنھنجي زمين ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سميت سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيت آھن. بندرگاھ، تيل، گئس، ڪوئلو، ڪارونجھر، ڪئنجھر، منڇر، گورک، سنڌو درياھ سميت سمورا وسيلا قدرت ماءُ جي نعمت آھن، 70 سالن کان انھن جي ڦرلٽ ٿي رھي آھي، ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مڙھي سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. موجوده حڪمرانن جون پاليسيون پاڪستان کي ورھائي رھيون آھن. ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رھيون آھن. حڪمران پنھنجون ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جون پاليسيون ختم ڪن.