English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانا جي جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ جبري مذهب تبديلي جي مذمت
views
|
16th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ورجينيا (ضياء قريشي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ سنڌي هندو نياڻين جي زوري مذهب تبديل ڪرڻ واري سنگين مسئلي تي هڪ انتهائي اهم، جذباتي ۽ اکيون کولائيندڙ ويب نار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامياري شخصيتن ۽ ماهرن، جن ۾ وڪيل راميش ڪمار گپتا (هيومن رائيٽس ڪائونسل جو چيئرمين)، اشفاق لغاري، آڪاش ڪيول رام، خالد ھاشماڻي، مشتاق راجپر، ۽ ڊاڪٽر صغير شيخ شامل هئا، شرڪت ڪئي. اشفاق لغاري شهدادپور مان اغوا ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس بيان ڪندي چيو ته پوليس جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته مختلف مذهبي گاديون اهڙن ظالماڻن عملن جي حمايت ڪن پيون. هن انگ اکر ڏيندي چيو ته گذريل هڪ سال ۾ سَو کان وڌيڪ سنڌي هندو نياڻيون زوري مذهب تبديل ڪرڻ جو شڪار ٿيون آهن، ۽ ڪنهن کي به ان تڪليف، اذيت، ۽ ٽٽل خاندانن جي درد جو احساس ناهي. وڪيل رميش ڪمار، جيڪو پڻ شهدادپور جي متاثر نياڻين جو وڪيل آهي، افسوس سان چيو ته ملڪ ۾ زوري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ڪو واضح قانون موجود ناهي، ۽ جڏهن والدين پوليس وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائين ٿا ته کيس رڳو اغوا جو ڪيس سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ اوچتو ڪو ڇوڪرو سامهون اچي چوندو آهي ته نياڻيءَ سان شادي ڪئي اٿس، ۽ پيرن جي گادي مان بيان اچي ٿو ته نياڻي رضاڪاراڻه اسلام قبول ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ والدين پاڻ کي لاچار محسوس ڪن ٿا. آڪاش ڪيول رام چيو ته گهڻيون نياڻيون نابالغ هونديون آهن، ڪي ته ڏهن ورهين کان به گهٽ عمر جون، جن کي اغوا ڪري، منشيات ڏئي، ۽ ذهني دٻاءَ هيٺ آڻي مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، ۽ مجرمن کي سزا ڏيڻ بجاءِ سماجي ۽ مالي طور انعام ڏنا وڃن ٿا. خالد ھاشماڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هن معاملي تي ڪو به قدم نه پيون کڻن، ۽ اوورسيز سنڌين کي گهرجي ته هو هن انساني الميي تي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. مشتاق راجپر زور ڏنو ته سنڌي هندو برادري انتهائي بااثر آهي، پوءِ ڇو نه هو اڳيان اچي متاثرن جو ساٿ ڏئي؟ ڊاڪٽر صغير شيخ واضح ڪيو ته هي رڳو هندو برادري جو نه پر سڄي سنڌ جو قومي مسئلو آهي، ۽ سڀني قومپرست ڌرين کي گڏجي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. سيشن جي آخر ۾ سوالن ۽ جوابن جو سلسلو به هليو، جنهن ۾ مهمانن شرڪت ڪندڙن جا سوال تفصيل سان ٻڌا ۽ جواب ڏنا. پڄاڻيءَ تي اي آر سي چيئرمين ذوالفقار خواجا پاران هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران زوري مذهب تبديليءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هن انسانيت سوز عمل خلاف ترت قانونسازي ڪئي وڃي ۽ موجود قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سانا
وڊيو ٽالڪ
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا
ايڊووڪيٽسي
رائٽس ڪميٽي
سنڌي هندو نياڻين
زوري مذهب
0 تبصرے