English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانا جي جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ جبري مذهب تبديلي جي مذمت
192 views
|
16th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ورجينيا (ضياء قريشي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ سنڌي هندو نياڻين جي زوري مذهب تبديل ڪرڻ واري سنگين مسئلي تي هڪ انتهائي اهم، جذباتي ۽ اکيون کولائيندڙ ويب نار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامياري شخصيتن ۽ ماهرن، جن ۾ وڪيل راميش ڪمار گپتا (هيومن رائيٽس ڪائونسل جو چيئرمين)، اشفاق لغاري، آڪاش ڪيول رام، خالد ھاشماڻي، مشتاق راجپر، ۽ ڊاڪٽر صغير شيخ شامل هئا، شرڪت ڪئي. اشفاق لغاري شهدادپور مان اغوا ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس بيان ڪندي چيو ته پوليس جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته مختلف مذهبي گاديون اهڙن ظالماڻن عملن جي حمايت ڪن پيون. هن انگ اکر ڏيندي چيو ته گذريل هڪ سال ۾ سَو کان وڌيڪ سنڌي هندو نياڻيون زوري مذهب تبديل ڪرڻ جو شڪار ٿيون آهن، ۽ ڪنهن کي به ان تڪليف، اذيت، ۽ ٽٽل خاندانن جي درد جو احساس ناهي. وڪيل رميش ڪمار، جيڪو پڻ شهدادپور جي متاثر نياڻين جو وڪيل آهي، افسوس سان چيو ته ملڪ ۾ زوري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ڪو واضح قانون موجود ناهي، ۽ جڏهن والدين پوليس وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائين ٿا ته کيس رڳو اغوا جو ڪيس سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ اوچتو ڪو ڇوڪرو سامهون اچي چوندو آهي ته نياڻيءَ سان شادي ڪئي اٿس، ۽ پيرن جي گادي مان بيان اچي ٿو ته نياڻي رضاڪاراڻه اسلام قبول ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ والدين پاڻ کي لاچار محسوس ڪن ٿا. آڪاش ڪيول رام چيو ته گهڻيون نياڻيون نابالغ هونديون آهن، ڪي ته ڏهن ورهين کان به گهٽ عمر جون، جن کي اغوا ڪري، منشيات ڏئي، ۽ ذهني دٻاءَ هيٺ آڻي مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، ۽ مجرمن کي سزا ڏيڻ بجاءِ سماجي ۽ مالي طور انعام ڏنا وڃن ٿا. خالد ھاشماڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هن معاملي تي ڪو به قدم نه پيون کڻن، ۽ اوورسيز سنڌين کي گهرجي ته هو هن انساني الميي تي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. مشتاق راجپر زور ڏنو ته سنڌي هندو برادري انتهائي بااثر آهي، پوءِ ڇو نه هو اڳيان اچي متاثرن جو ساٿ ڏئي؟ ڊاڪٽر صغير شيخ واضح ڪيو ته هي رڳو هندو برادري جو نه پر سڄي سنڌ جو قومي مسئلو آهي، ۽ سڀني قومپرست ڌرين کي گڏجي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. سيشن جي آخر ۾ سوالن ۽ جوابن جو سلسلو به هليو، جنهن ۾ مهمانن شرڪت ڪندڙن جا سوال تفصيل سان ٻڌا ۽ جواب ڏنا. پڄاڻيءَ تي اي آر سي چيئرمين ذوالفقار خواجا پاران هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران زوري مذهب تبديليءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هن انسانيت سوز عمل خلاف ترت قانونسازي ڪئي وڃي ۽ موجود قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سانا
وڊيو ٽالڪ
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا
ايڊووڪيٽسي
رائٽس ڪميٽي
سنڌي هندو نياڻين
زوري مذهب
0 تبصرے