ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو آھي تہ اسان بہ پنھنجي وڏڙن جي نقش قدم تي ھلندي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف بڻجي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مشن تي عمل پيرا اھيون، جيئن عوام جا سمورا جائز مسئلا حل ٿي سگھن. ھن اھي ڳالھيون شيرازي ھائوس ٺٽي تي آيل عوام سان ملاقاتون ڪرڻ بعد روزانو پاڪستان بليٽن سان ڳالھائيندي ڪيون. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي سجاول جي عوام جي سندس والد بزرگ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ۽ سندس چاچي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي حد کان وڌيڪ خدمت ڪري انھن جا مسئلا حل ڪيا، جيڪو ھڪ مثال اھي، پر ھاڻي ھو بہ پنھنجي وڏڙن جيان ضلعي ٺٽي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف عمل بڻيل آھي، جيئن سندن جائز مسئلا بنا فرق جي حل ٿي سگھن. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ سندن والد الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي کي سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام سڃاڻي ٿي، جنھن سياست ۾ پير پائڻ بعد 1984 کان وٺي 2018 تائين ايم پي اي ٿي رھيو، پر ھن ڪڏھن تہ شڪست نہ ماڻي، جنھن جو وڏو سبب ھنن جو عوام سان محبت جو اظھار ڪرڻ توڙي سندن جائز مسئلا حل ڪري انھن سان ھر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ ھو، ھن چيو تہ اسان بہ ان روايت کي برقرار رکندي ھر ڇنڇر جي ڏينھن شيرازي ھائوس ٺٽي تي عوام سان ملاقاتون ڪري سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ سميت روزانو جي بنياد تي ضلعي جي عوام سان رابطي ۾ اھيون، جيئن عوام کي ڪا ڏکيائي پيش اچي نہ سگھي. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ اسان پنھنجي ضلعي ۾ ڪنھن بہ آفيسر جي پنھنجي تڪ جي عوام سان ڪابہ ناانصافي برداشت ناھيون ڪندا، اسانجو ڪم اھي تہ عوام کي ھر صورت ۾ رليف مھيا ڪري انھن جا جائز مسئلا حل ڪريون، جيڪو آفيسر بہ عوام جا جائز مسئلا حل نہ ڪندو تہ ان کي بہ برداشت نہ ڪنداسين ڇاڪان جو اسانجي ڪل آمدني عوام آھي، جنھن کي ڪنھن بہ تڪليف ۾ نٿا سگھي سگھون. ھن چيو تہ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو بہ اھو مشن اھي تہ سڀ کان پھرين عوام جا جائز مسئلا حل ڪري کين بنيادي سھولتون مھيا ڪريو، جنھن مشن تي اسان بہ عمل پيرا ٿي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري رھيا آھيون، جيئن عوام پريشاني کان بچي سگھي.
0 تبصرے