عمرڪوٽ ويجهو قديمي قبرستان ۾ قبرن جي مبينا بيحرمتي، حر جماعت جو احتجاج

عمرڪوٽ ويجهو قديمي قبرستان ۾ قبرن جي مبينا بيحرمتي، حر جماعت جو احتجاج

عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ روحل واھ ۾ قائم قديمي قبرستان ۾ نامعلوم ماڻهن پاران قبرون مسمار ڪرڻ ۽ چوديواري کي باه ڏيڻ جي واقعي خلاف حر جماعت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، خبر موجب گذريل رات دير سان نامعلوم ماڻهن ڳوٺ روحل واھ جي قديمي قبرستان ۾ قبرون کوٽيون ۽ قبرستان جي چوديواري کي باهه ڏئي ساڙيو، جنهن سان مقامي ماڻهن ۾ وڏي بيچيني پکڙجي وئي، ان خلاف حر جماعت جي سوين ماڻهن گڏ ٿي احتجاج ڪيو، احتجاج دوران حر جماعت جي اڳواڻن خليفو شير محمد مهر، حليم مهر، فقير محب مڱريو، فقير حسن مهر، نور محمد مهر، عارف مهر، وڏڻ مھر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روحل واھ جو هي قبرستان صديون پراڻو آهي، جنهن جي ڀرسان موجود پلاٽ پير پاڳاري جي زيارت لاءِ وقف ڪيل آهي، پر هاڻي ڪجهه قبضا مافيا سياسي آشرواڌ سان هن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اڳواڻن چيو ته قبرون کوٽي انهن جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ قبرستان کي ساڙڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، حر جماعت امن پسند جماعت آهي، پر اهڙن حرڪتن سان مذهبي هم آهنگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي پير صاحب پاڳاري جي زيارت لاءِ وقف ڪيل پلاٽ تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قبرستان جي بيحرمتي ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي پاسي پلاٽ تي تڪرار ھلندڙ منڱريا برادري جي ماڻھن ھٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي چيو تہ اسان ڪڏھن تصور بہ نٿا ڪري سگھون تہ قبرستان يا پير سائين پاڳارو جي ڪنھن جاءِ کي نقصان پھچايون.