English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد جي لطيف آباد 10 واسين جي قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان
views
|
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا آهي.ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن: الطاف خاصخيلي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي سان حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد 10 جي رھواسين سيد شڪيل احمد ڪامراني، پرويز علي،انور چوڌري، غلام عباس باجوه،منا عباسي، نديم شيخ، عابد ملڪ، احسن علي، اسلم شاھ، قدير احمد، محمد طفيل، ايس شيخ ۽ ٻين ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي.ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن، انھن کي واپس عوام ۾ اچڻو آھي. سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ سڙي رھي آھي شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن. پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس لڳي پئي آھي. الطاف خاصخيلي چيو تہ پ پ پ جي سنڌ سرڪار اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. سنڌ ۾ نااھل حڪمراني سالن کان ڪوڙ، ٺڳي ۽ بدنيتي جي بنيادن تي موجود آھي. ھڪ طرف مھانگائي جو طوفان برپا ڪري غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي تہ ٻئي طرف بدامني ۾ واڌ سبب سنڌ ۾ غنڊہ راڄ قائم ٿيل آھي ۽ سڄي سنڌ منشيات جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي، سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، چوريون، ڦريون، قتل غارت جا واقعا عروج تي آھن ٽئين پاسي منشيات جو عام واھپو ۽ وڪرو سرعام ھلندڙ آھي نتيجي ۾ لکين ماڻھون نشي جا عادي بنجي پنھنجون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو ڪڌو ڪاروبار ھلندڙ آھي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪاروبار گٽڪو، مائو ۽ مين پڙي، چرس، ٺرو، آئيس، ھيروئن ۽ ٻي منشيات آھي. ھر ضلعي مان پوليس ماھوار ڪروڙين روپيا ڀتو وصول ڪري ٿي.الطاف خاصخيلي چيو تہ پوليس عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ بدران ڏوھارين جي سرپرستي ڪري رھي آھي. قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي ماڻھن جي حقن لاء جاکوڙي رھي آھي شھرين کي قانوني، آئيني ۽ انساني حق ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا، اھي پاڻ کي بادشاھ سمجھڻ ڇڏي ڏين۔ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪرسي ناھي۔ عوام کي وڏي طاقت آھي۔ عوام کي لتاڙڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بند ڪيو وڃي۔ نظير بليدي چيو تہ بلدياتي ادارن عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا آھن، بلدياتي ادارن کي جيڪي پئسا مليا اھي ڪرپشن جي نظر ٿي ويا. ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ آفيسرن جا ڪميشن عيوض رڪارڊ سڌا ڪيا ويا آھن. ھيٺين سطح تائين انصاف ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ وارو خواب خواب ئي رھجي ويو. جيڪڏھن چيڪ اينڊ بيلنس ھجي ھا تہ اربين روپيا ڪرپشن جي نظر نہ ٿين ھا ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمينن ۽ ملوث آفيسرن کي ھميشہ لاءِ نااھل ڪيو وڃي.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، ربڏنو ملڪ،راول سيال،ثناالله بڙدي، الاھي بخش ڪورائي، فقير نور جمالي، مير جمالي، سليمان يوسف زئي، فھيم اشرف، محمد علي، شاھد شاھ پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے