English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر مجيب سنڌي سان رهاڻ
views
|
26th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽر)نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر مجيب سنڌي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي نامور اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مجيب سنڌي کي گلن جا هار پارائي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ سندس ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏني وئي ان موقعي تي شاعره امرتا ڏاھري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته مجيب سنڌي نئين نسل جي احساسن، دردن ۽ جذبن کي خوبصورتي سان لفظن ۾ پروئي ٿو سندس شاعري نون رستن جي تلاش، حب الوطني ۽ انساني جذبن جو آئينو آهي، خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير چيو ته اهڙن ادبي پروگرامن ذريعي نئين ٽهيءَ جي تخليقي صلاحيتن کي ساراهڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ به هموار رستو پيدا ٿئي ٿو هن چيو ته شاعري رڳو لفظن جو ڪمال ناهي پر دل جو دل سان رابطو به آھي مجيب سنڌي ايترو پيارو آھي جو آئون کيس محبوب سنڌي ڪري ڪوٺيندو آھيان هن ساس ملير شاخ جي تعريف ڪندي چيو ته ڪراچي سڄي ۾ اھڙا پروگرام نٿا ٿين قومي شاعر غفور شاھ تقوي چيو ته ماڻهن ۾ محبت جي ڪشش هوندي آھي جيڪا ماڻهن کي گڏ ڪري ويهاريندي آھي جيڪا مجيب سنڌي ۾ آھي وفائون ڪري توڙ نڀائڻ ڪو مجيب کان سکي هن چيو ته اسان جو سماج بيوفا موقعي پرست ماڻهن مان ڀريو پيو آھي مجيب سنڌي چيو ته منهنجي مان ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير آجياڻو ڏئي رهاڻ رچائي منهنجي قلمي پورهئي جو قدر ڪيو آھي ان موقعي تي وحيد محسن مجيب سنڌي تي مقالو پڙھيو جڏهن تي عرفان عباسي اصغر باغي اصغر مھرائي سڪندر سرواڻ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي قمبر ٻٽ ظھير ڏاهري ۽ ٻين خطاب ڪيو مختلف شاعرن عاصم ابڙو، ماھم ڪورائي ۽ ٻين گيت پيش ڪيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌي ادبي سنگت شاخ
0 تبصرے