هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام

چاچو انور جڳهه تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو: اسرار احمد گلال

هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي گلال محلي جي رھواسي پ پ پ جيالو اسرار احمد گلال جو پريس ڪلب پھچي پنھنجي چاچي انور گلال جي خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو ويو آھي ت چاچو انور گلال اسان جي جڳھ تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو ڪيترائي ڀيرا اسان جي مٿان حملا ڪيا آھن پوليس سان ٻٽ بڻجي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا پلان جوڙي رھيا آھن ان جا لوفرن سان واسطا آھن ھن جو ھڪ سالو خون جي ڪيس ۾ جيل م آھي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي