نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو

نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)بابا نصرالله ولي ڪرڪيٽ گرائونڊ نيوڇور ۾ ڪرايل ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ بابا نصرالله ولي ڪرڪيٽ ڪلب نيوڇور ۽ يونائيٽيڊ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو يونائيٽيڊ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور پھرين بيٽنگ ڪندي مقرره 10 اوورن ۾ 139 رنسون 6 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاھيون جنھن ۾ ساجد آريسر 45 رنسون ٺاھيون جواب ۾ بابا نصرالله ولي ڪرڪيٽ ڪلب نيوڇور مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاھي سگھي بابا نصرالله ولي ڪرڪيٽ ڪلب طرفان فياض عمراڻي 49 رنسون ٺاھيون اھڙي طرح يونائيٽيڊ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور 16 رنسن تان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص ارباب دين محمد نھڙي الياس آفاقي ابراھيم سومرو ناصر سومرو ممتاز سومرو پدم سنگھ سوڍو جيوت ڪمار ڪامريڊ اعجاز سومرو ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن صدام نھڙي کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪيپٽن ممتاز سومرو کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ ڪامران سومرو مين آف دي سيريز ساجد آريسر بيسٽ بالر ڪامران سومرو بيسٽ امپائرز اجيپال سنگھ ۽ ممتاز عمراڻي بيسٽ ڪامينٽر الياس آفاقي سومرو ۽ پدم سنگھ سوڍو بيسٽ اسڪورز سڪندر سومرو کي ٽرافيون ڏنيون ويون۔