English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ۾ ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران هڪ ڏينهن جو ڪنسلٽنس سيشن منعقد
67 views
|
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سيشن ۾ سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل صحافين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
مٺي( رپورٽر ) ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران مٺي ۾ هڪ ڏينهن جو ڪنسلٽنس سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل صحافين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ، ٿرپارڪر جي مجموعي مسئلن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي حل بابت تجويزون ڏنيون. سيشن ۾ ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن قاضي خضر ، غفرانه آرائين ، امداد چانڊيو ، ساديه بلوچ ، پشپا ڪماري ، سهيل سانگي، سعيد بلوچ ، خوشحال ڪالاڻي ، امداد کوسو ، ندا تنوير ، علي اسد ، سليم جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي ڳالهائيندي ايڇ آر سي پي اڳواڻن چيو ته هن سيشن کان اڳ ٿر جي شھرن ۾ انساني حقن متعلق ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون ٽي سو کان وڌيڪ ماڻھن کان تفصيلي مسئلا ٻڌا ويا. سمورن سيشنن ۾ ٿرپارڪر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ، تعليم ، روزگار سميت ماحولياتي مسئلن جون ماڻھن پاران شڪايتون ڪيون ويون ٿرپارڪر مختلف پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻھن جا خدشا انتهائي اهم آھن انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي ريلوي لين توڙي ٿر ڪول سبب متاثر ماڻھن کي انهن جا حق ڏيڻ گهرجن ٿر ڪول پروجيڪٽ سبب مقامي ماڻھن کان زمينون کسيون ويون وڻن جي تباهي ڪئي وئي جتي وڏا پروجيڪٽ ٿيندا آھن اتي اسيسمنٽ ڪئي ويندي آھي پر هتي نه ڪئي وئي هي سڀ پروجيڪٽ عوام خواهش موجب نه پر ڪمپنين ۽ ڪاروباري حوالي سان آھن هنن چيو ته ٿرپارڪر اينيمي پراپرٽي سميت سٽي سروي سميت ٻيا به زمينن جا مسئلا آھن جيڪا انتهائي سنجيده آھي انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي ٻارن جي حقن توڙي عورتن سان ٿيندڙ مسئلا پڻ ٿر جو اهم مسئلو آھي ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌيا آھن انهن جي به شفاف تحقيق ٿيڻ گهرجن. اسان هر فورم تي ٿرپارڪر جي ماڻھن جا مسئلا بيان ڪنداسين ۽ پنهنجي سالانه رپورٽ جو حصو به بڻائينداسين. انهي موقعي تي ڪرشن شرما ، علي اڪبر راهمون ، اعجاز بجير ، جي آر جوڻيجو ، علي گل رند ، ڀورومل ڪولهي ، شوڪت سنڌي ، منيتا ، چندن ، هاشم هنڱورجو ، گل حسن سميجو ، قادر سميجو ، نندلال شرما ، ڊاڪٽر اشوڪ ۽ ٻين پڻ خيالن جو اظھار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ڳوٺ سهراب خان جکراڻي واسي جيالي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھيومن رائٽس ڪميشن
مٺي
0 تبصرے