English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ۾ ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران هڪ ڏينهن جو ڪنسلٽنس سيشن منعقد
38 views
|
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سيشن ۾ سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل صحافين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
مٺي( رپورٽر ) ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران مٺي ۾ هڪ ڏينهن جو ڪنسلٽنس سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن سول سوسائٽي سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل صحافين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ، ٿرپارڪر جي مجموعي مسئلن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي حل بابت تجويزون ڏنيون. سيشن ۾ ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن قاضي خضر ، غفرانه آرائين ، امداد چانڊيو ، ساديه بلوچ ، پشپا ڪماري ، سهيل سانگي، سعيد بلوچ ، خوشحال ڪالاڻي ، امداد کوسو ، ندا تنوير ، علي اسد ، سليم جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي ڳالهائيندي ايڇ آر سي پي اڳواڻن چيو ته هن سيشن کان اڳ ٿر جي شھرن ۾ انساني حقن متعلق ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون ٽي سو کان وڌيڪ ماڻھن کان تفصيلي مسئلا ٻڌا ويا. سمورن سيشنن ۾ ٿرپارڪر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ، تعليم ، روزگار سميت ماحولياتي مسئلن جون ماڻھن پاران شڪايتون ڪيون ويون ٿرپارڪر مختلف پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻھن جا خدشا انتهائي اهم آھن انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي ريلوي لين توڙي ٿر ڪول سبب متاثر ماڻھن کي انهن جا حق ڏيڻ گهرجن ٿر ڪول پروجيڪٽ سبب مقامي ماڻھن کان زمينون کسيون ويون وڻن جي تباهي ڪئي وئي جتي وڏا پروجيڪٽ ٿيندا آھن اتي اسيسمنٽ ڪئي ويندي آھي پر هتي نه ڪئي وئي هي سڀ پروجيڪٽ عوام خواهش موجب نه پر ڪمپنين ۽ ڪاروباري حوالي سان آھن هنن چيو ته ٿرپارڪر اينيمي پراپرٽي سميت سٽي سروي سميت ٻيا به زمينن جا مسئلا آھن جيڪا انتهائي سنجيده آھي انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي ٻارن جي حقن توڙي عورتن سان ٿيندڙ مسئلا پڻ ٿر جو اهم مسئلو آھي ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌيا آھن انهن جي به شفاف تحقيق ٿيڻ گهرجن. اسان هر فورم تي ٿرپارڪر جي ماڻھن جا مسئلا بيان ڪنداسين ۽ پنهنجي سالانه رپورٽ جو حصو به بڻائينداسين. انهي موقعي تي ڪرشن شرما ، علي اڪبر راهمون ، اعجاز بجير ، جي آر جوڻيجو ، علي گل رند ، ڀورومل ڪولهي ، شوڪت سنڌي ، منيتا ، چندن ، هاشم هنڱورجو ، گل حسن سميجو ، قادر سميجو ، نندلال شرما ، ڊاڪٽر اشوڪ ۽ ٻين پڻ خيالن جو اظھار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ھيومن رائٽس ڪميشن
مٺي
0 تبصرے