English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڳوٺ سهراب خان جکراڻي واسي جيالي جو احتجاج
97 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بابل خان ڀيو تڪ ۾ ڪو به ڪم ناهي ڪرايو: قابل جکراڻي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) علائقي واسين جا ووٽ گذريل اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن کي ڏياري بدلي ۾ سنڌ ڪابينه ۾ صلاحڪاري حاصل ڪندڙ مير بابل خان ڀيو پاران علائقي واسي ووٽرن جا بنيادي مسئلا ته حل ڪري نه سگھيو ويتر سندس جي جاڳڻ ۽ الطاف ڪوٽ جي ڀرپاسي جي چورن،ڦورن تر ئي تپائي ڇڏيا يوسي جاڳڻ جي ديھ قاضي واھ ڳوٺ سھراب خان جکراڻي واسي قابل جکراڻي عوامي ڪئمپ آفيس پھچي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا قابل جکراڻي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي دانهيندي چيو ته گذريل اليڪشن ۾ اسانجي ڳوٺ سھراب جکراڻي ۾ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو پ پ اميدوارن جي ورڪ تي پھتو جنھنجو چوڻ ھيو تہ شڪارپور ،ڳڙھي ياسين ۽ لکي جي تڪ اين اي 193 تي ايم اين اي لاء شھريار مھر اميدوار آ ۽ پي ايس 9 ڳڙھي ياسين تي ايم پي اي لاء آغا سراج دراني جن پ پ جا اميدوار آھن جن کي ووٽ ڏيڻو آھي ھن چيو ته اسان پ پ اميدوارن کي سڃاڻيندا ئي نه ھئاسين ۽ نه ئي ھو ورڪ تي مير بابل خان ڀيو سان گڏ ھيا ھن جو چوڻ ھيو تہ اسان صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو جي چوڻ تي پ پ اميدوارن کي ديھ قاضي واھ جي پولنگ کٽائي ڏني ھئي ۽ تازو ايم پي اي بڻيل آغا شھباز پٺاڻ کي ووٽ ڏيڻ لاء بہ مير بابل خان ڀيو اسان جي ڳوٺ سھراب جکراڻي اچي ووٽ ڏيڻ لاء چيو جنھنکي بہ ووٽ ڏئي پولنگ سيف ڪرائي تنھن باوجود ھيل تائين نه ئي روڊ ٺھيو نه ڪو ڳوٺ ۾ پيور بلاڪ مليو نه ئي ڪو اسڪول ملي سگھيو ۽ نه ئي بجلي ملي سگھي آھي جديد دور ۾ اسان بنيادي سھولتن کان محروم آھيون ويتر اسانجي ڳوٺ سھراب جکراڻي مان منھنجي گھر مان گذريل مھيني جنوري جي 14تاريخ واري رات 7 ھتياربندن چورن گھر جي در جو تالو ڪٽي چار ڀلوڙ مينھون بہ چورائي ويا جنھنجو پيرو الطاف ڪوٽ، جاڳڻ واري علائقي ۾ گم ٿي ويو متاثر قابل جکراڻي وڌيڪ چيو ته چوري ٿي چئن مينھن جي واپسي لاء جاڳڻ ۽ الطاف ڪوٽ واري علائقي ۾ قرآن پاڪ کڻي گھمائڻ باوجود مينھون واپس ناھن مليون ھن جو چوڻ ھيو تہ صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو سان ٻه دفعا ملي چڪو آھيان جنھن آسرو ڏيڻ باوجود ھن مھل تائين چوري ٿيل چار مينھون واپس ڏياري ناھين گھيو متاثر قابل جکراڻي جو چوڻ ھيو تہ جيڪڏھن مينھون واپس نه ٿيون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو متاثر قابل جکراڻي پاران آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آ ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل چار مينھون واپس ڏياريون وڃن ۽ انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ ڳوٺ سهراب خان جکراڻي
0 تبصرے