درسانو ڇنو ۾ سيد يوسف شاهه اميناڻي جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون

ميلي جي آخري ڏهاڙي تي وائيس چئيرمين گڏاپ ڄام محمد جوکيو ۽ پ پ اڳواڻ امداد جوکيو سيد يوسف شاهه جي مزار تي حاضري ڀري

درسانو ڇنو ۾ سيد يوسف شاهه اميناڻي جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون

ملير (درياخان شر)ملير درسانو ڇنو سيد يوسف شاہ اميناڻي جي سالياني عرس مبارڪ ميلي جون تقريبون پڃاڻي تي پهتيون ميلي جي آخري ڏهاڙي تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي وائيس چئيرمين ڄام محمد جوکيو پيپلزپارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو درسانو ڇنو سيد يوسف شاہ جي مزار تي حاضري ڀري ٽن ڏينهن کان جاري سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي ۾ حصو وٺندڙ ڪامياب ملھ پهلوانن ۾ انعام تقسيم ڪندي کين داد ڏنو سيد يوسف اميناڻي جي عرس مبارڪ ۽ ميلي جي تقريب جي پڇاڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽائون وائيس چئيرمين ڄام محمد جوکيو جنرل سيڪريٽري پيپلزپارٽي ملير امداد جوکيو چيو ته سنڌ صوفين بزرگن جي سرزمين آهي، سنڌ جي صوفين بزرگن هميشه پيار محبت امن جو درس ڏنو آهي، سيد يوسف شاہ جي مزار روحاني فيض حاصل ڪرڻ جو مرڪز رهي آهي درگاھ پهچي روحاني سکون حاصل ڪيو آهي ميلي جي آخري ڏهاڙي جي مک تقريب ۾ گادي نشين صالح محمد درس يوسي درساڻو ڇنو جي وائيس چئيرمين مرتضي يار محمد بلوچ سابقه ايس ايچ او طاهر قادري ايس ايچ او گل بيگ سابقه ڊسٽرڪٽ ميمبر لالا اسلم جوکيو نواز ليگ اڳواڻ پير حفيظ الله جان سرهندي حاجي ظفر درس عبدالقادر درس انجنيئر مرتضي درس شان جوکيو عبيد جوکيو سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن شرڪت پڻ شرڪت ڪئي درسانو ڇنو ۾ هلندڙ ميلي ۽ سالياني عرس جي موقعي تي ملير سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان وڏي تعداد ۾ مريدن عقيدتمندن پهچي دعائون گهريون ۽ بازارن مان خريداري ڪئي آخري ڏهاڙي تي نعت ۽ قوالي جي محفل پڻ سجائي وئي جنهن ۾ نالي وارن نعت خوانن شرڪت ڪري بارگاہ رسالت مآب ۾ نعتن جا نذرانا پيش ڪيادرگاھ جي گادي نشين صالح محمد درس عرس مبارڪ جي آخري ڏهاڙي تي سنڌ جي ترقي خوشحالي سميت ملڪ پاڪستان جي بقا سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون