English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون غلام دستگير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
67 views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شھر ۾ قائم سرڪاري بس ٽرمينل کي فعال بڻائي ٽرانسپورٽرن کي بسون ۽ وينون اُتي ئي بيھارڻ جو پابند بڻايو وڃي: غلام دستگير
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شِيخ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ جي مسئلن بابت شهرين جي شڪايتن جي حل لاءِ دربار ھال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساٰء، ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ، نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي، ڪي ٽي ڊي سي جي عملدارن، ٽرانسورٽرن ۽ شڪايت ڪندڙ شھرين شرڪت. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شِيخ سيڪريٽري آر ٽي اي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو شھر ۾ قائم سرڪاري بس ٽرمينل کي فعال بڻائي ٽرانسپورٽرن کي بسون ۽ وينون اُتي ئي بيھارڻ جو پابند بڻائين تہ جيئن شھرين کي پريشاني کان بچائي سگهجي. ھُن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ وينن جي فٽنيس، اوور لوڊ سميت گئس سلينڊر وارين مسافر گاڏين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ امڪاني قيمتي جاني توڙي مالي نقصان کان بچي سگهجي. ھُن چيو تہ ان ڏس ۾ عمل نہ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن ۽ گاڏين کي بليڪ لسٽ ڪري سندن روٽ پرمٽ ڪينسل ڪئي وڃي ۽ ٽريفڪ قانون جي پاسداري تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ھُن چيو تہ پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي باوجود ڪراين ۾ گهنٽائي نہ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي وڃي تہ جيئن عوام کي رليف فراھم ڪري سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايف ڊبليو او جي عملدارن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ڪراچي ـ ٺٽو ڊبل روڊ جي خراب حصن جي مرمتي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن گاڏين جي آمدرفت ۾ بھتري سميت حادثن کان پڻ بچي سگهجي. ھُن ٽرانسپورٽرن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو بسن، وينن ۽ سوزوڪين کي انتظاميہ پاران مقرر ڪيل ٽرمينلن تي بيھارين، ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽرن ۽ شڪايت ڪندڙن پاران درپيش مسئلن بابت آگاہ ڪيو ويو، جنھن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کين جلد مسئلا حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون
0 تبصرے