English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون غلام دستگير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شھر ۾ قائم سرڪاري بس ٽرمينل کي فعال بڻائي ٽرانسپورٽرن کي بسون ۽ وينون اُتي ئي بيھارڻ جو پابند بڻايو وڃي: غلام دستگير
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شِيخ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ جي مسئلن بابت شهرين جي شڪايتن جي حل لاءِ دربار ھال مڪلي ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساٰء، ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ، نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي، ڪي ٽي ڊي سي جي عملدارن، ٽرانسورٽرن ۽ شڪايت ڪندڙ شھرين شرڪت. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شِيخ سيڪريٽري آر ٽي اي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو شھر ۾ قائم سرڪاري بس ٽرمينل کي فعال بڻائي ٽرانسپورٽرن کي بسون ۽ وينون اُتي ئي بيھارڻ جو پابند بڻائين تہ جيئن شھرين کي پريشاني کان بچائي سگهجي. ھُن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ وينن جي فٽنيس، اوور لوڊ سميت گئس سلينڊر وارين مسافر گاڏين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي تہ جيئن ڪنھن بہ امڪاني قيمتي جاني توڙي مالي نقصان کان بچي سگهجي. ھُن چيو تہ ان ڏس ۾ عمل نہ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن ۽ گاڏين کي بليڪ لسٽ ڪري سندن روٽ پرمٽ ڪينسل ڪئي وڃي ۽ ٽريفڪ قانون جي پاسداري تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ھُن چيو تہ پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي باوجود ڪراين ۾ گهنٽائي نہ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي وڃي تہ جيئن عوام کي رليف فراھم ڪري سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايف ڊبليو او جي عملدارن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ڪراچي ـ ٺٽو ڊبل روڊ جي خراب حصن جي مرمتي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن گاڏين جي آمدرفت ۾ بھتري سميت حادثن کان پڻ بچي سگهجي. ھُن ٽرانسپورٽرن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو بسن، وينن ۽ سوزوڪين کي انتظاميہ پاران مقرر ڪيل ٽرمينلن تي بيھارين، ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽرن ۽ شڪايت ڪندڙن پاران درپيش مسئلن بابت آگاہ ڪيو ويو، جنھن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کين جلد مسئلا حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون
0 تبصرے