English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ عورتن ۽ پٺتي پيل طبقن تي قبائلي ۽ فرقيوارانه تڪرارن جا اثر جي موضوع تي ضلعي اسيمبلي جو اجلاس
views
|
30th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو )ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊووڪيسي (بسوا)، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن حڪومت سنڌ ۽ آمريڪن انسٽيٽيوٽ فار پيس پاران جي سھڪار سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي.تفصيل موجب اڄ ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊووڪيسي (بسوا)، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن حڪومت سنڌ ۽ آمريڪن انسٽيٽيوٽ فار پيس پاران جي سھڪار سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ عورتن ۽ پٺتي پيل طبقن تي قبائلي ۽ فرقيوارانه تڪرارن جا اثر جي موضوع تي ضلعي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. جنھن جي صدارت ايڊينشل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسي ڪئي جڏھن تہ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جو چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو خاص مھمان ھو. ان موقعي تي ظفر عباس عباسي خطاب ڪندي هن اهم موضوع تي اسيمبلي منعقد ڪرڻ تي بسوا جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسيمبلي ڪارائتي ۽ مشاورتي رهي. ھن چيو تہ قبيلائي تڪرارن جي ڪري معيشت، تعليم ۽ صحت جو نقصان ٿي ٿو. ان سلسلي ۾ اثر رسوخ رکڻ وارن ماڻھن کي قبيلائي تڪرار ختم ڪرائڻ ۾ پنھنجو مثبت ڪردار اد ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان علاوہ سول سوسائٽي جي پڻ ذميواري آھي تہ امن امان جي قيام ۽ قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪري. اقبال احمد ڏيٿو چيو تہ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن 2013 کان انساني حقن جي تحفظ ۽ پرچار لاءِ مسلسل ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو تہ انساني حقن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جو اجتماعي فرض آهي. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن مسلسل عوامي سطح تي سيشن منعقد ڪري رهي آهي ته جيئن انساني حقن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. بسوا جي اڪيڊمڪ ايڊوائزر پروفيسر (ريٽائرڊ) ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري اسيمبلي ۾ تجويزون سھڙيندي چيو تہ وقت جي ضرورت آهي ته مقامي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ ضلعي امن ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي ڇاڪاڻ جو قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۾ ضلعي امن ڪميٽي جو ڪردار ڪليدي آھي. پوليس ڊيپارٽمنٽ جي پروسيڪيوشن ونگ کي فعال بڻايو وڃي، تعلقي سطح تي امن ميلا منعقد ڪرايا وڃن. يونيورسٽي سطح تي قبائلي تڪرارن جي سببن تي تحقيق ڪئي وڃي. قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ انٽيليجنس شيئرنگ کي فعال ڪيو وڃي. ممنوعہ بور وارن ھٿيارن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. ڊسٽرڪٽ ڪرمنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جا اجلاس باقائدگي سان منعقد ڪيا وڃن. ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي فارينزڪ ليب قائم ڪيون وڃن. پوليس ڊيپارٽمنٽ ۾ ڪرائم سين مينجمنٽ سيل قائم ڪيو وڃي. ليگل امپاورمنٽ ڪميٽي کي نوٽيفائي ڪيو وڃي ۽ ان ڪميٽي ۾ سول سوسائٽي کي نمائندگي ڏني وڃي. چائلڊ رائيٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي پڻ فعال ڪيو وڃي. يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري کي نڪاح رجسٽرار جو ڊيٽا بيس مرتب ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي. ڄم داخلا جي مرحلي کي موثر بڻايو وڃي. تڪرارن وارن علائقن ۾ بند پيل اسڪول کوليا وڃن. خواجہ سرائن کي 10000 روپيا ماھوار وظيفو ڏنو وڃي ۽ خواجہ سرائن جي رجسٽريشن لاءِ ضلعي سطح تي مرڪز قائم ڪيا وڃن کين تعليم، صحت جون سھولتون مھيا ڪيون وڃن. تعلقي سطح تي معذور ماڻھن لاءِ سينٽر قائم ڪيا وڃن. سول سوسائٽي سپورٽ ڪميٽي تشڪيل ڏني وڃي. ڪارپوريٽ سوشل رسپانسبلٽي (سي ايس آر) فنڊ جو درست نموني سان استعمال ڪيو وڃي. اسيمبلي ۾ گدا حسين بلوچ صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، محمد پنجل سھتو ڊسٽرڪٽ مينيجر سرسو، ممتاز احمد ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ريما ريحان پروونشل ڪوآرڊينيٽر ايس ايس ڊي او،زاھد نون عديل علوي صحافي، ڪاشف صديقي ڪنسلٽنٽ سي ايس او، نور نبي مھر ڊي ايس پي ھيڊڪوآرٽر، شفيق الدين صديقي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيوا، رياض احمد سومرو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمنٽ، سردار رام سنگهہ، روي ڪمار، عبدالسميع شيخ، سھيل احمد ٽانوري، جباري نور ٽرانسجينڊر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان کان اڳ خادم حسين ميراڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بسوا ضلعي اسيمبلي کي منصوبي ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته بسوا ڪميونٽي جي شموليت ۽ بهتري لاءِ پرعزم آهي. اسيمبلي ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض عبدالجبار خاصخيلي سرانجام ڏنا. اسيمبلي ۾ انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن، صحافين، لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي آفيسرن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
16th Apr 2025
•
سندھ
کراچی میں ٹریفک قوانین کی خلاف ورزی, ایک ہفتے کے دوران 11,276 موٹر سائیکلیں اور 223 بھاری و ہلکی گاڑیاں ضبط
16th Apr 2025
•
تازہ ترین
بی این پی مینگل کا 20 روز سے جاری دھرنا ختم کرنے کا اعلان
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو
16th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڌڻي پرتو ڳوٺ ۾ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊووڪيسي
سنڌ هيومن رائيٽس ڪميش
0 تبصرے