هٿياربندن فائرنگ ڪري معشوق علي کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو
مورو (رپورٽر) مورو ڀرسان درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مناھي ۾ گذريل رات نامعلوم هٿياربندن پاران مسجد جي پيش امام معشوق علي کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي درس ٿاڻي جي پوليس جاء واردات تي پھچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال مورو آندو جتي قانوني گھرجون پورڻ ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو وارثن جو چوڻ آھي ته معشوق علي کوسو مسجد ۾ پيش امام ھو ۽ ڪريانه جو دوڪان ھلائيندو آھي جنھن ۾ سامان جي اوڌر تان ڏند چڪي ٿي جنھن بعد ھٿيار بند ماڻھن پاران مسجد جي پيش امام کي مسجد اندر گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن درس ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير محمد رند ٻڌايو ته مقتول پيش امام معشوق کوسو جو پنهنجي برادري وارن سان ڪيترئي وقت کان وٺي تڪرار ھلندڙ آھي اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا ھو جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو مقتول جا وارث جيئن ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو
0 تبصرے