عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاه اقليت برادري سان گڏجي ڏياري جو خوشين تهوار سيد علي مردان شاه عمرڪوٽ هائوس تي ملهايو خوبصورت آتشبازي ڪري مٺايون ورهايون ويون اقليت برادري صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاه کي ثقافتي پٽڪو پهرايو ويو سيد سردار علي شاه ڏيئو ٻاري ڪيڪ ڪٽي اقيلت برادري کي ڏياري مبارڪون ڏنيون خوبصورت آتشبازي ڪري ڏيئا ٻاريا ويا وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت هڪٻئي مبارڪون ڏياري جي خوشين ڀري تهوار تي رٿيل پروگرام کي خطاب ڪندي صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاه چيو ته سنڌ محبت امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي هتي هندو مسلم پاڻ ۾ ڀائر آهن هتي عيد ۽ ڏياريون گڏ ملهايو وينديون آهن منهنجو ٻچپن ڳوٺ جي ٻارن سان گڏ ڦٽاڪا ڦاڙيندو گذريو سنڌ لطيف جي ڌرتي آهي ۽ لطيف جو پيغام محبت جو پيغام آهي اسان وٽ ڪوبه مذهبي متڀيد ناهي سنڌ محبتن جي سرزمين آهي اڄ اسان اقليت ڀائرن جي تهوار ۾ انهن جي خوشين ۾ گڏ آهيون هو اسانجي عيد جي خوشين ۾ اسان سان گڏ هوندا آهن سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ڪابه انتهاپسندي قبول نه ڪندي ڪجهه ماڻهن سنڌ جي محبت جي پيالي ۾ نفرت وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي انهن کي ناڪامي نصيب ٿي اڳتي به ناڪام ٿيندا عمرڪوٽ اسانجو شهر آهي هتي سڀ پاڻ ڀائرن جيان رهن ٿا منهنجي شهر جو امن ڪنهن کي به خراب ڪرڻ اجازت نه آهي اسان محبتن جا سفير آهيون اسان سدائين محبتون ورهايون آهي سنڌ محبتن جي سرزمين آهي اسان هر انتهاپسندي جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين عمرڪوٽ شهر تيزي سان وڌي پيو پلاننگ نه هئڻ ڪري ڪجهه مسئلا آهن شهر کي وڌ کان وڌ اسڪيمون ڏنيون آهن ڪم هلن پيا اڃان به ڪافي ڪم رهيل آهن عمرڪوٽ شهر کي ميگا پروجيڪٽ ڏيڻ لاءۡ سي ايم کي خط لکيو آهي سڀن شهرين پنهنجي شهر جي مالڪي ڪرڻ لاءۡ اڳيان اچڻ گهرجي ڏياري تقريب پروگرام ۾ سينٽر پونجو مل ڀيل, ضلعي ڪائونسل چيئرمين حاجي بقا پلي, ضلعي ڪائونسل وائس وائس چيئرمين ميان خالد ولهاري, پ پ پ ضلعي جنرل سڪريٽري صوفي نواز, پ پ پ ضلعي انفارميشن سڪريٽري برهان الدين ڪنڀار, ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ, ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ سميت مختلف برادرين جا معزز ۽ شهري وڏي انگ ۾ موجود هئا.
0 تبصرے