ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي)پاڪستان پيپلزپارٽي صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتو علي حسن زرداري جي خاص هدايتن تي چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري طرفان گهوڙاٻاري شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن لاء اسڪيمون منظور ٽينڊر جاري جلد ترقياتي ڪم شروع ڪيو ويندو صوبائي وزير علي حسن زرداري جي هدايتن تي ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جي بجيٽ مان گهوڙاٻاري شهر لاء سيف سٽي ( سي سي ٽي وي ڪيمرا ) سميت آسپاس جي ڳوٺن لاء الٽرا فلٽريشن پلانٽ جون اسڪيمون منظور، ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري چيئرمين محمد رمضان پنھور طرفان گهوڙاٻاري شهر کي سيف سٽي ڪيمرا ۽ الٽرا فلٽريشن پلانٽ عوام لاء مسافر خانا ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور طرفان گهوڙاٻاري ٽائون آفيس لاء فرنيچر ۽ گهوڙاٻاري شهر لاء سيف سٽي ڪيمرا ، ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم پنھور لاء الٽرا فلٽريشن پلانٽ ، عوام لاء مسافر خانا هي اسڪيمون منظور ڪيون ويون آھن ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاري چيئرمين محمد رمضان پنھور جو چوڻ آھي ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن صرف عوامي اجتماعي اسڪيمون ڏنيون آهن عوامي بجيٽ عوام تي خرچ ڪري رهيا آهيون اسان جو مقصد عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ھن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته انشاءاللہ گهوڙاٻاري ٽائون کي ماڊل ٽائون ٺاهيو ويندو ۽ عوام کي ھر سھولت کان علاوه تحفظ فراهم ڪرڻ عوامي نمائندن جو فرض آهي ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جي چيئرمين محمد رمضان پنھور جو وڌيڪ چوڻ آھي ته عوام جي مسئلن ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ لا۽ آفيس ۾ مانيٽرينگ روم ٺاهيو ويندو ، جتي آپريٽر 24 ڪلاڪ موجود هوندو-
0 تبصرے