نوشهروفيروز ۾ ايڊووڪيٽ گلزار علي عالماڻي جو جيل انتظاميا خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ڊسٽرڪٽ پرزن انتظاميا سرڪار بجاءِ سياسي ڀوتارن جي نوڪري ڪري رهي آهي: ايڊووڪيٽ گلزار

نوشهروفيروز ۾ ايڊووڪيٽ گلزار علي عالماڻي جو جيل انتظاميا خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) ايڊووڪيٽ گلزار علي عالماڻي پريس ڪلب آڏو جيل انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي نوشهروفيروز ڊسٽرڪٽ پرزن جي انتظاميا سرڪار بجاءِ سياسي ڀوتارن جي نوڪري ڪري رهي آهي جن جي اهڙي رويي خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي هن چيو ته مان جتوئي ڀائرن ۽ لغاري برادري جي ڪيسن ۾ وڪيل آهيان جوابدارن سائين بخش لغاري ۽ سڪندر لغاري جا وڪالت ناما صحيح ڪرائڻ گذريل ٻن ٽن ڏينهن چڪر پيو هڻان پنڌ ڪرايا پيا وڃن جيڪو انتهائي غلط آهي هن چيو ته هر جوابدار کي پنهنجي دفاع ڪرڻ جو پورو حق پر جيڪڏهن ناهي ته پوءِ جوابدار کي ماريو ڇونه ٿو وڃي هتي جيل انتظاميه سياسي ماڻهن جي غلامي ڪري رهي آهي جنهن سبب بيگناھ ماڻهو عتاب ۾ آهن هن وڌيڪ چيو ته جيل سپريٽنڊنٽ نوشهروفيروز ابوبڪر منگي ۽ ڊپٽي سپريٽنڊنٽ نصرﷲ بنا ڪنهن سبب جي چڪر پيا ڪاٽرائين اسان وڪيلن سان اهڙو سلوڪ آهي ته پوءِ عام ماڻهو جو حشر ڪهڙو ڪيو ويندو هوندو هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جيلن جي صوبائي وزير ، آءِ جي جيلز ، سيشن جج نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن کان جيل انتظاميه جي اھڙي رويي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي