English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڦر دوران مزاحمت تي پوليس جو اي ايس آءِ شهيد، مقابلي ۾ مبينا جوابدار مارجي ويو
69 views
|
30th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڀينس ڪالوني جي روڊ 9 وٽ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ قيصر علي کي شهيد ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي علائقي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 09 تي نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار شهيد ڪري ڇڏيو پوليس ذريعن موجب گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪار ڪورنگي ٿاڻي ۾ مقرر هو حملي آور موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ فائرنگ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ 55 ورهين جي اي ايس آءِ قيصر علي ولد دوست محمد جي نالي سان ٿي، جنهن کي شديد زخمي حالت ۾ ايمبولنس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمَن جي تاب نه آڻي شهيد ٿي ويو. پوليس عملدارن واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب شهيد اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو ۽ کيس پوليس اعزاز سان سپردِ خاڪ ڪيو ويندو ترجمان ڪراچي پوليس شهيد اهلڪار جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي واقعي جي سببن جي جاچ لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ٻي طرف ٿاڻو سُڪڻ جي حدن روڊ نمبر 10 تي پراڻو ڪميلا وٽ پوليس گرفتار ملزم حسيب ولد عطا محمد جي نشاندهي تي سندس ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو. پوليس پارٽي کي ڏسي ملزم جي ساٿين انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اڳ ۾ گرفتار ٿيل ملزم حسيب سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ دوران ٻيا ملزم فرار ٿي ويا. زخمي ملزم حسيب کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن رستي ۾ دم ڏنو. پوليس موجب فوتي جوابدار حسيب ساڳئي ڏينهن ڦر دوران اي ايس آءِ قيصر علي کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هو. واقعي واري هنڌان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون ترجمان پوليس موجب هلاڪ ٿيل ملزم اڳ به اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ ڊڪيتين ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سندس وڌيڪ ڪيسن بابت مختلف ٿاڻن مان ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے