English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد ۾ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، سخت مزاحمت، 12 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار
85 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۾ پورٽ قاسم هائوسنگ اسڪيم جي الاٽ ڪيل زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي، پوليس، ضلعي انتظاميا، اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ رينجرز پاران ڳري مشينري سان چڙهائي ڪري آپريشن سوين ڪچا گهر ڊاهي پٽ ڪررنڇڏيا آپريشن دوران متاثر رهواسين جي سخت مزاحمت سبب علائقو ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿي ويو تفصيل موجب 2010ع جي ٻوڏ متاثرن پاران قائم ڪيل اها بستي ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان سوين خاندانن جي رهائش لاءِ استعمال ٿي رهي هئي. آپريشن دوران رهواسين پاران پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب پوليس ۽ مقامي ماڻهن ۾ جهيڙا ٿي پيا. ٻنهي ڌرين ۾ پٿراؤ ۽ لٺبازي به ٿي، نتيجي ۾ غفار مگسي، حميدالله مگسي، نواب سومرو، خان محمد جھلن سميت 12 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد پوليس حراست ۾ رکيو ويو آهي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اها زمين پورٽ قاسم هائوسنگ اسڪيم لاءِ مختص آهي، جنهن تي غيرقانوني قبضا ڪيو ويو هو، سرڪاري زمين واڳرائڻ ناگزير آهي ۽ غيرقانوني آبادي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ٻئي طرف متاثر رهواسين جو چوڻ آهي ته هو 2010ع جي ٻوڏ سبب بي گهر ٿي هتي آباد ٿيا هئا ۽ ڏهاڪن کان رهائش پذير هجڻ ڪري پنهنجو سڄو پونجي گهرن جي تعمير تي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته انهن وٽ ٻي ڪو به متبادل جڳهه ناهي. سندن موقف آهي ته بغير متبادل رهائش فراهم ڪرڻ کين بي دخل ڪرڻ سنگين ناانصافي آهي عورتن ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ رهواسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کين فوري طور تي متبادل رهائش ڏني وڃي. صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي اضافي نفري به طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
رزاق آباد ۾ پورٽ قاسم هائوسنگ ا
0 تبصرے