کپرو: ڳوٺ ڳجھڙي درس ۾ گذريل ڏينھن مبينا قتل ٿيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل

کپرو: ڳوٺ ڳجھڙي درس ۾ گذريل ڏينھن مبينا قتل ٿيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل

کپرو (رپورٽر) کپرو لڳ ڳوٺ ڳجھڙي درس مان گذريل ڏينھن ناري ارشادان جو لاش ھٿ آيو ھو جنھن جو قتل ڪيس ڀاءُ سميت پنجن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو کپرو لڳ ڳوٺ ڳجھڙي درس ۾ گذريل ڏينھن نوجوان ناري 17 سالا ارشادان ڌي محبوب درس جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو ھو جنھن جو قتل ڪيس اي ايس آئي عبدالرحيم ڀنڀرو پاران سرڪار جي فرياد تي ناري جي ڀاءُ ارشاد ولد محبوب درس سندس چاچي اصفر ۽ شبير احمد ھنڱورجو سميت 2 نامعلوم جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي جڏھن ته ناري کي قتل ڪندڙ سندس ڀاءُ ارشاد درس جي نشاندهي تي پوليس سرڪار جي فرياد تي پنجن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کپرو رحم حسين وسواڻو ٻڌايو ته ناري کي ڪانھن الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي قتل ڪندڙ سندس ڀاءُ ارشاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنھن جرم قبول ڪندي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن جا نالا ٻڌايا آھن جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪاروائي ڪري رھي آھي انھن کي به جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.