ڏوڪري ويجهو پ پ اڳواڻ طارق انور سيال جي رهائشگاهه تي کليل ڪچهري

پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ماڻهن جا مسئلا ٻڌي ٿڏي تي حل ڪرائي ڇڏيا

ڏوڪري ويجهو پ پ اڳواڻ طارق انور سيال جي رهائشگاهه تي کليل ڪچهري

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ پ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال پنهنجي انور آباد واري رهائشگاهه تي کليل ڪچهري ڪئي جتي هن مختلف ماڻهن جا مسئلا ٻڌي تڏي تي حل ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ طارق انور سيال جو چوڻ هو ته پ پ پ جو منشور ئي عوامي خدمت آهي، پارٽي منشور موجب اسان جو اولين فرض عوام جي تڪليفن جو ازالو ڪرڻ آهي ته جيئن عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿي سگهي. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ غلام رسول لغاري، مهراڻ انصاري، علي رضا سومرو، محمد يوسف ڏيٿو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.