English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، اهلڪار ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي
views
|
11th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)گٽڪو ميٽريل جي سپلاءِ جي ڪوشش پوليس طرفان ناڪام، ڪارروائي دوران پوليس اهلڪار ۽ رستي ويندڙ شهري زخمي تفصيل موجب پوليس کي اطلاع مليو ته هڪ ڪار نمبر AZR-255 ۾ گٽڪي جو ميٽريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اطلاع ملڻ بعد ايس ايڇ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر رياض مهيسر پنهنجي عملي سميت گرڊ اسٽيشن مڪلي جي ويجهو ناڪابندي ڪئي. ملزمن پوليس کي ڏسي ڪار تيز رفتاري سان هلائيندي فرار ٿي ويا. پوليس تعاقب ڪيو ته ملزمن فرار ٿيندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار اِڪرام ابڙو ۽ موٽر سائيڪل تي سوار شهري پيار علي خاصخيلي گولين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. فرار ٿيندڙ ڪار جو ٽڪر ايمبولينس سان ٿي پيو، جنهن ۾ ايمبولينس جو ڊرائيور لياقت علي پتافي، سجاد علي خاصخيلي ۽ هڪ عورت مسمات حوا خاصخيلي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي گٽڪو ميٽريل هٿ ڪري ورتو آهي، ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. فرار ٿيل ملزمن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايت تي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مطالبن ۽ مالي وسيلن وچ ۾ توازن جي ڳولا
03rd Jul 2025
•
سندھ
وفاقی محتسب نے ای او بی آ ئی سے نان رجسٹرڈ کمپنیوں کی تفصیلا ت ما نگ لیں
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
0 تبصرے